Book Name:Aqal Mand Mubaligh
آهن، سوچيندو آهي ته نيڪي جي ڳالھ سوچيندو آهي، ان جو باطِن به نيڪي تي هوندو آهي ايستائين جو جيڪو ٻانهو ان جي صحبت ۾ ويهي رهي، اهو به نيڪ بڻجي ويندو آهي (فیض القدیر، جلد:2، صفحہ:528، زیرِ حدیث:2465) (2): ۽ ٻيو اهو شخص آهي جيڪو بُرائي جي چاٻي ۽ ڀلائي جو تالو آهي يعني اهو پهرين واري جي بلڪل ابتڙ آهي، اهو جتي ويندو آهي، بُرائي جو ٻج پوکيندو آهي، ان جي زبان مان بُرائي نڪرندي آهي، ان جي هٿ مان بُرائي ظاهر ٿيندي آهي، ان جي سوچ به بُرائين ڀري هوندي آهي، مطلب ته اهو پاڻ خود به بُرو آهي ۽ ٻين تائين به بُرائي ئي پهچائيندو آهي۔
انهن ٻنهي شخصن ۾ جيڪو پهريون آهي، جيڪو ڀلائي ڦھلائي ٿو، ان جي باري ۾ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو ويو: ان جي لاءِ خوشخبري آهي ۽ ٻيو جيڪو بُرائي پکيڙي ٿو، ان جي باري ۾ ارشاد ٿيو: ان جي لاءِ هلاڪت آهي۔
هن هنڌ هڪ ايمان افروز مدني گل علَّامه مناوي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏنو، فرمائن ٿا: جڏهن الله پاڪ ڪنهن ٻانهي کان راضِي ٿيندو آهي ته ان رضا جي اها نشاني آهي ته الله پاڪ اُن ٻانهي کي ڀلائي جي چاٻي (يعني ڀلائي ڦهلائيندڙ) بڻائيندو آهي. (فیض القدیر، جلد:2، صفحہ:528، زیرِ حدیث:2465)
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اهي ٻه حديثون مختصر شرح سان ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، هنن ٻنهي حديثن ۾ بنيادي طَور تي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري جي فضيلت جو بيان آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هنن حدِيثن ۾ بيان ڪيل صِفتون نصيب فرمائي۔
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
ہو اخلاق اچھا، ہو کردار ستھرا مجھے متقی تو بنا یااِلٰہی
نہ نیکی کی دعوت میں سستی ہو مجھ سے بنا شائِقِ قافِلہ یَااِلٰہی
سَعَادت ملے درسِ فیضانِ سُنَّت کی روزانہ دو مرتبہ یااِلٰہی
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد