Book Name:Aqal Mand Mubaligh

جي طرف) رَبّ جي راهه ڪهڙي آهي؟ ايمان رَبّ جي راھ آهي، سچّا چڱا عقيدا ربّ جي راھ آهن، قرآن رَبّ جي راھ آهي، عِلمِ دين رَبّ جي راھ آهي، نماز رَبّ جي راھ آهي، روزو رَبّ جي راھ آهي، زڪوٰة رَبّ جي راھ آهي، حج رَبّ جي راھ آهي، سُنّتِ مصطفيٰ رَبّ جي راھ آهي، حُسنِ اَخلاق رَبّ جي راھ آهي، مطلب ته؛ تمام نيڪيون، سڄي جو سڄو دِين، اهو سڀ ڪجھ رَبّ ئي جي راھ آهي. لهٰذا سڄي دُنيا جي انسانن کي سڏڻ آهي، ڪنهن طرف؟ الله پاڪ جي دِين جي طرف۔

هاڻي ٽيون سُوال ذهن ۾ اچي ٿو: ڪيئن سڏڻو آهي؟ سڏڻ جا به کوڙ طريقا هوندا آهن: ڪڏهن ڪارڊ موڪلي گھرايو ويندو آهي، ڪڏهن پيار سان گھرايو ويندو آهي، ڪڏهن دڙڪا ڏئي سڏيو ويندو آهي، ڪيئي طريقا سڏڻ جا آهن. سڄي دُنيا جي انسانن کي الله پاڪ جي دِين جي طرف سڏڻو آهي، ڪيئن سڏيون؟ ان جا الله پاڪ ٻه طريقا ارشاد فرمايا آهن:

(1): بِالْحِكْمَةِ (پڪي سمجھ سان) (2): وَ الْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ (چڱي نصيحت سان)

 امام رازي، عَلَّامه بيضاوي ۽ ٻين کوڙ مفسر سڳورن فرمايو: هن آيت ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي انداز کي ورهايو ويو آهي، اها تقسيم ماڻهن جي ذِهني صلاحيت (Mindset) جي لحاظ کان آهي. (تفسیر بیضاوی، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125، جلد:3، صفحہ:245 ، ماخُوذًا) يعني مُعَاشري جو اهو طبقو جن کي اسان پڙهيل لکيل ماڻهو چئون ٿا، مثال طور ڊاڪٽر آهن، انجينئر آهن، وڪيل آهن، اهي ماڻهو اعليٰ ذِهني صلاحيتن جا مالِڪ هوندا آهن، انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو انداز ٻيو هوندو، ۽ مُعَاشري جو اهو طبقو جيڪو اڻ پڙھيل آهي يا گھٽ پڙھيل لکيل آهن، انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو انداز ڪجھ ٻيو هوندو۔ لهٰذا جيڪو به نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو آهي، ان کي گھرجي ته جنهن کي نيڪي جي دعوت ڏئي رهيو آهي، ان جي ذِهني صلاحيتن جو لحاظ رکي ۽ هر هڪ سان ان جي عقل جي مطابق ڪلام ڪري۔ سرڪارِ عالي وقار، مڪي