Book Name:Deen Aur Qurbani
نه سگهي.)[1]( (تنهنڪري جيئن انهن صبر ڪيو، تيئن ئي توهان به صبر ڪريو! بيشڪ الله پاڪ جي مدد ويجهو آهي
ماڻهو آسان سمجهن ٿا مسلمان ٿيڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه ۾ اسان کي اهو درس ڏنو ويو آهي ته دين جي رستي ۾ مشڪلاتون اينديون ئي اينديون آهن، ان راهه تي هلڻ وارن کي قربانيون ڏيڻيون ئي پونديون آهن، تڏهن ئي بلند مقام ملندا آهن، تنهنڪري هر مسلمان کي گهرجي ته خدا جي راهه ۾ تڪليفون سهڻ ۽ تن، من، ڌن وغيره سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ هر وقت تيار رهي. اها ئي ڳالهه هڪ ٻي آيت ۾ به ارشاد ٿي، فرمايائون:
اَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ یُّتْرَکُوْۤا اَنْ یَّقُوْلُوْۤا اٰمَنَّا وَ ھُمْ لَا یُفْتَنُوْنَ (۲)
(سيپارو: 20، العنڪبوت:2) ترجموڪنزُ العرفان: ڇا ماڻهن اهو سمجهيو آهي ته انهن کي فقط ايتري ڳالھ تي ڇڏيو ويندو جو اهي چون ٿا اسان ايمان آندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟
معلوم ٿيو: مسلمانن جو سندن ايماني قوت مطابق امتحان وٺڻ، الله پاڪ جو قانون آهي، بيماري، لاچاري، غربت، مصيبت، اهي سڀ الله پاڪ طرفان ايندڙ آزمائشون آهن، جن سان مخلص مسلمان ۽ منافق جي وچ ۾ فرق واضح ٿي ويندو آهي.)[2](
یہ شہادَت گہِ اُلْفَت میں قَدَم رکھنا ہے لوگ آسان سمجھتے ہیں مسلماں ہونا
پيارا اسلامي ڀائرو! اها ڳالهه هميشه ياد رکو! زندگي صرف ساهه کڻڻ جو