Book Name:Deen Aur Qurbani

جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا، وہ شان سلامت رہتی ہے

یہ جان تو آنی جانی ہے، اس جاں کی تو کوئی بات نہیں

 شهيد دنيا ۾ ٻيا به گهڻا آهن، آئنده به ٿيندا پر امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي شهيدن جو سردار بڻائڻ واري جيڪا شيءِ آهي، اها هي ئي سندن شان، سندن حوصلو آهي، جنهن سان توهان ميدانِ ڪربلا ۾ لٿا هئا.

شهادتِ امام حسين جو مختصر بيان

  توهان ٿورو تصور ته ڪريو! 10 محرم الحرام، جمعي جو ڏينهن آهي، امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنهنجي پٽن، پنهنجي ڀائٽين، پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين شهيدن جا تقريباً 72 لاش کڻي خيمي وٽ رکي چڪا آهن، جيڪي هلي ڪري ميدان ۾ پهچي سگهيا ٿي، امام عالي مقام انهن کي ميدان ۾ موڪلي قربان ڪري ڇڏيو ۽ حضرت علي اَصۡغر رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جيڪي پاڻ هلي ڪري نه پئي وڃي سگهيا، امام عالي مقام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ انهن کي پنهنجي هٿن تي کڻي ويا، انهن جي به قرباني پيش ڪري ڇڏي، هاڻي خيمن ۾ صرف پرديدار عورتون آهن ۽ هڪ شهزادو بيمار حضرت امام زين العابدين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ  آهن، 3 ڏينهن جي بک اُڃ آهي، جگر زخمن سان چور چور آهي، مٿي تي تڪليفن جو پهاڙ ٽٽي چڪو آهي، ان حالت ۽ ان ڪيفيت ۾ سلطانِ ڪربلا، امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جنگ جو لباس پاتو، پنهنجي ناني جان، رحمتِ دوجہان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو عمامو شريف مٿي تي ٻڌو، حضرت امير حمزه رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي ڍال پنهنجي ڪمر تي ٻڌي، پنهنجي والد محترم حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي تلوار کنيائون ۽ نرالي شان سان اڪيلي سر، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پنهنجي عزيز جان به حق جي راهه ۾ نذرانو ڏيڻ لاءِ ميدانِ ڪربلا طرف وڌي رهيا آهن.  الله اڪبر! باپردہ سيد زادين جي فڪر به آهي، سامهون 20 هزارن جو لشڪر به آهي، اڪيلائي به آهي، پرديس به آهي، بک