Book Name:Deen Aur Qurbani

   سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي قرباني...!! ۽ هي آهي قرباني جو انعام...!!

جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا، وہ شان سلامت رہتی ہے

یہ جان تو آنی جانی ہے، اس جاں کی تو کوئی بات نہیں

گفتگو ڪرڻ جا غازي

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان دين جي راهه ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪندا هئا. پر افسوس! اڄ اسان بهانا ٺاهيندا آهيون * اسان وٽ دنيا جي هر ڪم لاءِ وقت آهي پر دين جي خدمت لاءِ * قرآن ۽ حديث سکڻ لاءِ * علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ وقت ناهي * پنهنجي عيش ۽ عشرت لاءِ هزارين لکين روپيه به خرچ ڪيا ويندا آهن پر دين جي خدمت لاءِ مال قربان ڪندي دل تنگ ٿيندي آهي * پنهنجين صلاحيتن جو استعمال ڪري گهڻي دنيا ته گڏ ڪري وٺون ٿا پر دين جي خاطر پنهنجون صلاحيتون پيش نٿا ڪريون * جان جي بازي لڳائڻ ته پري جي ڳالهه، اسان کان وقت ۽ مال جي به قرباني نٿي ڏني وڃي...!!

تھے تو آبا وہ تمہارے ہی مگر تم کیا ہو...؟                        ہاتھ پر ہاتھ دھرے مُنْتَظِر فردا ہو

 پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان غور ڪريون! آخر اهو ڪهڙو جذبو هو جو جنهن جذبي تحت امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اهڙي عظيم الشان قرباني پيش ڪئي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان قدم قدم تي قربانيون ڏيندا رهيا. ڳالهه اها ئي آهي ته * اهي بلند رتبي وارا حضرات ڪامل الايمان هئا * اهي جوشِ ايمان جي جذبي سان سرشار هئا ۽ * افسوس! اڄ جو مسلمان اڪثر ايمان جي ڪمزوري جو شڪار آهي* انهن جي سامهون هر دم الله ۽ رسول جي رضا هوندي هئي پر افسوس! اڄ جي مسلمانن جي