Book Name:Deen Aur Qurbani

سندن شهادت جون خبرون مشهور هيون، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ تقريباً 56 سال هن دنيا ۾ تشريف فرما رهيا.)[1]( پوءِ جڏهن دين جي خاطر قرباني پيش ڪرڻ جو وقت آيو، توهان صبر سان، الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهندي، وڏي بهادريءَ سان سر ڪٽائي ڇڏيو، ڄڻ جيستائين ساهه کڻڻ ۾ الله پاڪ جي رضا هئي، ان وقت تائين توهان زندهه رهيا، جڏهن سر ڪٽائڻ ۾ الله پاڪ جي رضا هئي، ان وقت توهان سر قربان ڪري ڇڏيو، توهان تقريباً 56 سال جيڪي گذاريا، اها به زندگي هئي ۽ جڏهن سر ڪٽائي ڇڏيو ته اها به زندگي آهي، توهان پهرين به زندهه هئا ۽ الله پاڪ جو قرآن ٻڌائي ٿو ته توهان هاڻي به زندهه آهيو.

حُسَیْن ایک علامت ہے زِندگی کے لئے                                           حُسَیْن عَزْمِ سَفر ہے مُسَافری کے لئے

هڪ ٻئي شاعر چيو:

فِطْرَت کی مصلحت کا اشارہ حُسَین ہے                                                                   قربانیوں کی آنکھ کا تارا حُسَیْن ہے

وہ اس لئے لڑے کہ ستم کو مِٹا سکیں                                                                        پھر کیوں نہ ہم کہیں کہ ہمارا حُسَیْن ہے

هي جان ته اچڻي وڃڻي آهي

 اي عاشقانِ رسول! هتي هي ڳالهه به ضرور ياد رکو ته اسلامي تاريخ ۾ ڪربلا جي وڏي اهميت آهي، اسلامي تاريخ ان وقت تائين مڪمل ئي نٿي ٿئي، جيستائين ڪربلا جو ذڪر نه ڪيو وڃي پر...!! ڪربلا جي اها اهميت صرف ان لاءِ ناهي ته ميدانِ ڪربلا ۾ اهلِ بيت ڪرام تي ظلم ٿيو هو، ڪربلا جي اصل اهميت امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي حوصلي سبب آهي، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو اهو حوصلو، اها استقامت، اهو صبر ۽ رضا جنهن جو توهان ميدانِ ڪربلا ۾ مثال قائم ڪيو، اهو صبر، استقامت ۽ حوصلو ئي اصل ۾ ڪربلا کي يادگار بڻائي ٿو.


 

 



[1]...سوانح کربلا، صفحہ: 170 ماخوذًا۔