Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
الله جي عنايت مرحبا معراج جي عظمت مرحبا اَقصيٰ جي شوڪت مرحبا
بُراق جي قسمت مرحبا بُراق جي سُرعَت مرحبا نبين جي اِمامت مرحبا
آقا جي رِفعت مرحبا آسمان جي سِياحت مرحبا مڪينِ لامڪان جي عظمت مرحبا
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات اها ذات آهي جو تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کي جيڪي رُتبا ۽ ڪمال الڳ الڳ عطا ڪيا ويا سرڪار عَلَيۡهِ السَّلَام کي اهي سمورا عطا ڪيا ويا۔ جيئن ته مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ فرمائن ٿا: تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۾ جنهن کي جيڪا به فضيلت ڏني وئي آهي اهي تمام جون تمام فضيلتون رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيون ويون ۽ نه صرف اهي عطا ڪيون ويون بلڪه ڪجھ اهڙيون خاصيتون به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيون ويون جيڪي ڪنهن ٻئي کي نه عطا ڪيون ويون۔
(سرور القلوب بذڪر المحبوب،ص۱۹۶، ملخصاً)
جيڪڏهن اسان بي بي آمنه جي گل، تمام جهانن جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام معجزن ڏانهن نظر ڪيون ته اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اهو شعر سمجھ ۾ اچي ٿو ته
سر تابَقدم ہے تَنِ سُلطانِ زَمَن پھول
لَب پھول دَہَن پھول ذَقَن پھول بَدَن پھول
تِنکا بھی ہمارے تو ہِلائے نہیں ہِلتا
تم چاہو تو ہو جائے ابھی کوہ ِ مِحَن پھول
(حدائقِ بخشش، ص ۷۸)