Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مختصر وضاحت: پهرين شعر جو مطلب آهي رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي مبارڪ کان وٺي قدم مبارڪ تائين گل جي لطافت (يعني نرمي) وارا آهن، پاڻ سڳورن عَلَيۡهِ السَّلَام جا چپ مبارڪ، منهن مُبارڪ، کاڏِي مبارڪ بلڪ سڄو جسمِ اقدس ئي گل آهي۔ ٻي شعر جو مطلب آهي اسان هڪ ڪک هِلائڻ جي طاقت نٿا رکون ۽ مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪڏهن چاهين ته مصيبتن ۽ غمن جا جبل به گھڙي کن ۾ گل جيان بي وزن(يعني هلڪا) ٿي سگھن ٿا۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪيئي معجزن جو ظهور ٿيو، وڻ ۽ پٿرن جو سندن کي سلام ڪرڻ، مبارڪ اڱرين مان پاڻي جا چشما جاري ٿيڻ، ٿوري کاڌي جو گھڻو ٿيڻ، ڪو صحابي رَضِي الله عَنْه پنهنجي ڪٽيل ٻانهن کڻي اچي ۽ آقا عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجو لُعاب لڳائي ان ڪٽيل ٻانهن کي جوڙي ڇڏيندا هئا، ڪو پنهنجي اک کڻي اچي ته يا رَسُول الله! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي اک ٻاهر نڪري وئي آهي، پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لُعابِ دهن(ٿُڪ مبارڪ) لڳائي ان اک کي واپس پنهنجي جڳھ تي رکي ڇڏيندا هئا ۽ اها ٺيڪ ٿي ويندي هئي، جنگ جي دوران ڪو صحابي آيو آقا! تلوار ٽُٽي وئي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا ٽاري عطا ڪن ته اها ئي تلوار بڻجي وڃي، اهڙي طرح ڪو غير مسلم اچي چوندو هو ته جيڪڏهن اوهان سچا نبي آهيو ته ڪا نشاني ڏيکاريو! اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چنڊ کي اشارو ڪن ته اهو ٻه ٽڪرا ٿي وڃي، ڪڏهن نماز جو وقت وڃڻ لڳي ته اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا ڪن، لٿل سج واپس موٽي اچي، مطلب ته! هن طرح جا ڪيئي معجزا آهن جيڪي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ظاهر ٿيا۔

   جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اهڙي طرح جا ڪثير معجزا ملن ٿا جيڪي پياري آقا، مُحَمَّد رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي لاءِ نه بلڪ ٻين جي