Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درياءِ رحمت جي وسعتن جو حال اهو آهي ته هو حوضِ ڪوثر جنهن مان حضرت سَيدُنا آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي قيامت تائين تمام جنّتي پاڻي پئيندا پر ان جي پاڻي ۾ ڪمي نه ايندي، اهو جنت جو تمام وڏو چشمو جنهن جو نالو سَلسَبِيل آهي اهي ٻئي پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي درياءِ رحمت جا ٻه قطرا آهن۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کانسواءِ  ٻيو ڪوبه نه آهي جيڪو هر سُوالي کي ان جي حاجت کان وڌيڪ عطا ڪري۔ ستين شعر جو مطلب آهي آسمانِ نبوت تي ڪيئي نبي تارن جيان چمڪندا رهيا، پر جڏهن اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سج بڻجي آسمانِ نبوت تي جلوه فرما ٿيا آهن ته اهڙا چمڪي رهيا آهن جو گم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ٻنهي جهانن جا بادشاھ هوندا آهن ۽ اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُولُ الله جو مقام اهو آهي جو پاڻ انهن بادشاهن جا به بادشاھ آهن۔ ٻنهي جهانن جي مخلوقات ۾ جنهن کي به اونچو ۽ بلند شان وارو چيو وڃي ۽ سمجھيو وڃي ۽ جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت کي ڏٺو وڃي ته بي اختيار چيو ويندو ته آقا عَلَيۡهِ السَّلَام جو شان ان کان به مٿي آهي، سندن جو مِثل ڪوبه نه آهي۔ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام پڙھيل لکيل ماڻهن ۾ تشريف آڻيندا رهيا، پر اسان جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جن ماڻهن ۾ آيا اهي ڪفر ۽ شرڪ، جهالت ۽ گمراهي جي دلدل ۾ ڦاٿل هئا، اهڙن ماڻهن ۾ جڏهن اسان جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور چمڪيو ته انهن کي به چمڪائي ڇڏيائين۔ ڪلام جي آخري شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪندي فرمائن ٿا: اي رضا! غم جا ماريل بي سهارا، گنهگار ۽ ويچارا جن کي پنهنجن گناهن جو فڪر کائي رهيو آهي، انهن کي خوشخبري ٻڌايو ته توهان اڪيلا نه آهيو بلڪ توهان جا غمخوار آقا، اُمّت جا لجپال آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان سان گڏ آهن جيڪي توهان کي پنهنجي شفاعت جي ذريعي سهارو ڏئي جنت ۾ پهچائيندا۔ اچو! سڀ گڏجي نعرا لڳايون ٿا، سڀئي مرحبا چئو۔