Book Name:Aqal Mand Mubaligh
مقصد کڻي نڪتا هئا ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ ان مقصد جي تڪميل جي لاءِ پُوري دُنيا ۾ دِين جو پيغام پهچائڻو هو، تنهنڪري مدني قافلن جو سلسلو شروع ٿيو * ڏور ڏورانهين علائقن ۾ نيڪي جي دعوت عام ٿيڻ لڳي * سڄي دُنيا جي ماڻهن ۾ اسلامي ڀينرون پڻ شامِل آهن، انهن تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻي هئي، تنهنڪري شَرعِي احتياطن سان اُنهن ۾ به ديني ڪم شروع ڪيا ويا * ايئن وقت سان گڏوگڏ شعبا (Department,s) ٺهندا ويا * ٻارن ۽ ٻارڙين کي دُرست تجويد و قراءت سان قرآنِ ڪريم حفظ و ناظِره جي تعليم جي لاءِ مدرسة المدينه جي نالي سان مدرسه قائِم ڪيا ويا، الحمد لله! هينئر تائين پاڪستان ۽ اَووَر سِيز (Overseas) ۾ ڪل 4 هزار 6 سو 50 مدارسُ المدينه قائِم آهن ۽ انهن ۾ پڙھندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جو تعداد 2 لک، 16 هزار 841 آهي.
* وڏي عمر جا اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون جيڪي درست تجويد و قراءت سان قرآنِ ڪريم پڙھي نه سگھنديون هيون، انهن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ڀائرن جا مدرسة المدينه ۽ اسلامي ڀينرن جا مدرسة المدينه جدا جدا شروع ڪيا ويا، جن جو تعداد هاڻي تائين پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ 39 هزار 2 سَو 51 تائين پهچي چڪو آهي ۽ انهن ۾ پڙھندڙ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جو تعداد 2 لک 27 هزار 4 سو 65 آهي۔
* گڏوگڏ جهالت جي اونداهي ختم ڪري علمِ دين جي روشني ڦهلائڻ جي لاءِ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ عليحده عليحده جامعاتُ المدينه قائِم ٿيا، جتي درسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ڪرايو ويندو آهي، هن وقت تائين پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ 1127 جامعاتُ المدينه قائِم آهن، جن ۾ پڙھندڙ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جو مجموعي تعداد 88 هزار 835 آهي.
* هاڻي مَصرُفِيت جو دَور آهي، تنهنڪري ماڻهن جي سُهولت جي لاءِ فيضان آن لائِن اڪيڊمي (بوائِز اينڊ گرلز) جو آغاز ڪيو ويو، هتي آن لائن حِفظ ۽ ناظِره،