Book Name:Aqal Mand Mubaligh

دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ۽ ان کان عِلاوه 55 کان وڌيڪ ڪورسَ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي شرعِي احتياطن جو لحاظ رکي ڪرايا ويندا آهن. هينئر تائين فيضان آن لائن اڪيڊمي جون ٽوٽل 43 برانچون قائِم آهن، جن ۾ پڙھندڙن جو تعداد 20 هزار کان وڌيڪ آهي۔

* هاڻ عِلم دِين جي روشني ڦهلجڻ لڳي، حافِظ، قارِي، عالِم بڻجندا ويا، پوءِ زندگي ۾ پيش ايندڙ مختلف مسئلن جي شرعِي حل جي لاءِ دار الافتاء اهلسنت قائم ڪيا ويا، جتي مفتي سڳورا ويهندا آهن ، فتوائون لکندا آهن، اتي تحريري فتوائن جي ذريعي، فُون ڪالز (Calls) جي ذريعي، واٽس ايپ ۽ اِي ميل وغيره جي ذريعي ماڻهن کي پيش ايندڙ شرعِي مَسئلن جو حَل ٻڌايو ويندو آهي۔

* هاڻي عالم سڳورا ته تيار ٿيندا ويا، پر علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ ايترو ئي ڪافِي نه هو، المدينةُ العِلمِيه (اسلامِڪ ريسرچ سنٽر) قائِم ڪيو ويو، هتي تفسير، حديث، فقه، سيرت ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا ويندا آهن، عاشِقَانِ رسول عالمن جي لکيل ڪتابن جا آسان اُردو زبان ۾ ترجما ڪيا ويندا آهن، پُراڻن ديني ڪتابن کي دورِ حاضِر جي تقاضائن جي مطابق شايع ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي ڪتابن تي ڪم ڪيو ويندو آهي۔

* هاڻي ڪتاب لکيا وڃڻ لڳا ته انهن کي شائع (Publish) به ڪرڻو هو، هڪ شعبو قائِم ٿيو: مڪتبة المدينه۔ هتان کان ديني ڪتاب شائع ڪري وڪرو ڪيو ويندو آهي

* اهي تمام ته ديني تعليم جا ادارا هئا، ٻارن ۽ ٻارڙين جي صحيح اسلامي انداز تي تعليم ۽ تربيت ۽ دنياوي تعليم جي لاءِ دار المدينه اسلامڪ اسڪول سسٽم قائِم ٿيو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! عنقريب دارُ المدينه ڪالج ۽ يونيورسٽي جو به آغاز ٿي ويندو۔

* دعوتِ اسلامي جيئن جيئن اڳتي وڌندي وئي، عروج ماڻيندي وئي، ماڻهو