Book Name:Aqal Mand Mubaligh

ملندا ويا، ڪاروان بڻجندو ويو، جيڪي اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي رهيا هئا، انهن جي ديني، اخلاقي ۽ تنظيمي تربيت جي لاءِ شعبو دارُ السُّنَّه قائِم ڪيو ويو، جيڪو جيترو وقت ڏئي سگھي ٿو، پنهنجي سُهولت جي مُطَابق دارُ السُّنَّه تي اچي عِلم دِين سکي سگھي ٿو۔

* دعوتِ اسلامي جو دِيني ڪم مزيد وڌيو، زِندگي جي مختلف شعبن سان وابسته ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته مختلف شعبن جي افراد جي لاءِ الڳ الڳ ڊيپارٽمنٽ بڻجندا ويا۔ مثال طور؛

* اسڪول ڪاليج، يونيورسٽي، اڪيڊميز وغيره تعليمي ادارن ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ، شاگردن (Students)، استادن (Teachers) ۽ ٻي اسٽاف جي ديني تربيت جي لاءِ شعبه تعليم

 * هوميو پيٿڪ سان وابسته افراد ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ رابطه براءِ هوميو پيٿڪ ڊيپارٽمنٽ

* زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان جيڪي وابسته آهن، انهن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ رابطه براءِ ايگريڪلچر اينڊ لائيو اسٽاڪ

* حڪمت يعني هربل ميڊيسن (Herbal Madicine) جي شعبي سان وابسته اسلامي ڀائرن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ شعبه رابطه براءِ حڪيم

* مزاراتِ اولياء تي ايندڙ زائرين کي مزارن تي حاضِري جا آداب سيکارڻ ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ شعبه مزاراتِ اولياء

* پوليس، سياست، سرڪاري ادارن سان وابسته افراد ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ شعبه رابطه براءِ شخصيات

* بزنس ڪميونٽي سان وابسته عاشقانِ رسول ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ شعبه رابطه براءِ تاجران

* ڪورٽ، ڪچهري سان وابسته افراد مثال طور وڪيلن ۽ ججن ۾ نيڪي