Book Name:Walidain-e-Mustafa
جي لاءِ قبول ٿي وڃي. بسااوقات اهو به ڏسڻ/ ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته ماڻهو دعائون ڪرائيندا آهن ته اسان جو اولاد نيڪ نمازي بڻجي وڃي، حافظِ قرآن بڻجي وڃي پر ان سان گڏ اسان پنهنجي باري ۾ به غور ڪيون ته مان جيڪو پنهنجي اولاد جي لاءِ دُعائون گھرائي رهيو آهيان، ڇا مون کي نيڪ بڻجڻ جي حاجت نه آهي، ڇا مون کي به پابندي سان نماز ناهي پڙهڻي؟ ڇا مون کي به دُرست قرآنِ ڪريم پڙهن نه اچڻ گهرجي؟۔ اسان پنهنجو اهو ذهن بڻايون ته مون کي به جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل اپنائڻا آهن ۽ پنهنجي اولاد کي به راھ جنّت تي هلائڻو آهي۔ اسان جي بزرگ سڳورن جي تعليم ۽ عمل اهو هو جو اهي پنهنجي اولاد جي ديني تربيت ان انداز سان ڪندا هئا جو جيڪڏهن ان کي راھ خدا ۾ وقف ڪري ڇڏيندا ها ته پاڻ وٽ واپس گھرائڻ به درست نه سمجھندا هئا ۽ ان کي راھ خدا ۾ ئي رهڻ جو تاڪيد ڪندا هئا جيئن
الله پاڪ جي نالي تي وقف ڪري واپس نه وٺو
حضرت سيدُنا سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر جڏهن پندرهن سال ٿي ته پنهنجي ماءُ کي عرض ڪيائين: ”اي امڙ سائڻ! مون کي الله پاڪ جي راھ ۾ وقف فرمايو“ امڙ چوڻ لڳي: ”اي منهنجا پٽ! بادشاهن کي اها شيء تحفي ۾ ڏني ويندي آهي، جيڪا انهن جي شان وٽان هجي، تو ۾ اهڙي ڪا خوبي ناهي جيڪا الله پاڪ جي شان جي مطابق هجي۔“ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حَياء آيو ته پاڻ گھر ۾ هڪ ڪمرو پنهنجي لاءِ خاص ڪري ورتو ۽ ان ۾ پنج سالن تائين عبادت ڪندا رهيا۔ هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والده محترمه پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ آيون، ڏٺائين ته سندن پٽ عبادت ۾ مصروف آهي ۽ ان تي سعادت جا آثار نمايان آهن، ماءُ کي يقين ٿي ويو ته هاڻي منهنجو پٽ اهڙو ٿي چڪو آهي جو جنهن کي مان پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ پيش ڪري سگھان ٿي ته نيڪ والده پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پيشاني چمي ڪري فرمايو: ”اي منهنجا پٽ! هاڻي مان توکي پنهنجي