Book Name:Walidain-e-Mustafa
جن جو تَعَلُّق بنو زُهره سان هو، حسب ۽ نسب ۽ مقام ۽ مرتبي جي لحاظ کان ان وَقت جي تمام عورتن ۾ افضل ۽ اعليٰ هيون، الله پاڪ کين ظاهري حُسن ۽ جمال سان گڏوگڏ اعليٰ اَوصاف ۽ ڪردار ۽ باطني ڪمالات سان به خوب نوازيو هو، عقل مندي ۽ دانائي جي سبب اوهان کي ”حَڪيمَه“ چئي پُڪاريو ويندو هو۔([1])
مُفسِّرِ قرآن مفتي احمد يار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آمنه جي معني آهي: ايمان واري بيبي يا امان واري بيبي يا امانت واري بي بي رَضِىَ اللهُ عَنۡها۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: ”آمنه“ ۾ 4 اکر آهن: )1(: الف، )2(: ميم، ﴿3﴾: نون ۽ ﴿4﴾: ها۔ الف مان ”الله“ جي طرف اشارو آهي، ”ميم“ مان محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جانِب، ”نون“ مان نور جي طرف ۽ ”ها“ مان هدايت ڏانهن۔
تم سے ایمان و امانت اور امن
تم سے فیضاں، تم سے عرفاں آمنہ
آمنہ کے تین معنیٰ بالیقیں
با امانت، امن و ایماں آمنہ
تم سے اللہ و محمد ہیں عیاں
نور و ہُدیٰ تم میں پِنْہاں آمنہ([2])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد