Book Name:Walidain-e-Mustafa
Games) ۽ ڪارٽون وغيره ڏسڻ ۾ تمام گھڻو وقت ضايع ڪن ٿا، هن ايپلي ڪيشن جي برڪت سان ٻار علمِ دين سکندا، دُعائون ياد ڪندا، سُنّتون ۽ آداب سکندا۔ اِن شَآءَ اللّٰه
اوهان پنهنجون قيمتي تجويزون ۽ مشورا ايپلي ڪيشن جي فيڊ بيڪ تي ڏئي سگھو ٿا۔ اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪيو ۽ ٻين کي به انسٽال ڪرڻ جو مشورو ڏيو۔
صَلُّو ا عَلَي الحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي خوشبو جون ڪجھ سنتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو:
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! خُوشبو جي سُنتن ۽ آداب جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان هڪ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪيو: چار شيون نبين جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حياءُ ۽ خوشبو لڳائڻ۔([1]) ٭ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تُحفو رد نه ڪندا هئا۔([2]) ٭ جمعي نماز جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي۔([3]) ٭نَماز ۾ ربّ ڪريم سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي([4]) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا ها ۽ هن جي ٻين ماڻهن کي پڻ تلقين ڪندا هئا. ([5]) ٭ناخوشگوار بُو يعني بدبو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناپسند ڪندا