Book Name:Walidain-e-Mustafa
ربِ ڪريم جي راھ ۾ وقف ڪيان ٿي۔“ والده جي اجازت ملڻي هئي جو پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه راھ خدا ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڏھ سال سفر ۾ رهيا ۽ عبادت جي لذّت حاصل ڪندا رهيا. هڪ ڏينهن کين پنهنجي والده محترمه جي زيارت جو شوق ٿيو ته گھر جي طرف موٽيا۔ رات جي وقت جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھر پهتا ته دروازو کڙڪايو ته پردي پٺيان سندن والده محترمه جو آواز آيو:”اي سفيان! جيڪو الله پاڪ جي نالي تي ڪا شيء وقف ڪندو آهي اهو واپس ناهي وٺندو۔ مون توکي الله پاڪ جي نالي تي وقف ڪيو آهي، هاڻي مان توکي صرف انهيءَ جي سامهون ڏسڻ چاهيان ٿي۔“ ([1])
جان و دل یارب ہو قربانِ حبیبِ کبریا اور ہاتھوں میں ہودامانِ حبیبِ کبریا
ہم سیہ کاروں کی بخشش کی کوئی صورت نہیں جُز ترے اے چَشمِ گِریانِ حبیبِ کبریا([2])
شعرن جي وضاحت: اي اسان جا ربِّ ڪريم اسان جي جان ۽ دل تنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي قربان ٿين ۽ اسان جي هٿن ۾ ان جو دامن رهي ڇوته اسان گناهگارن جي بخشش جي صورت فقط امت جي خاطر روئڻ وارا محبوبِ خدا مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي آهن۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
نور ِمصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون بَرَڪتون
والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيشاني مُبَارَڪ ۾ نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ روشن هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان جون برڪتون ڏسندا هئا، هڪ ڏينهن پنهنجي والِد حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي ٻڌايائون: مون