Book Name:Walidain-e-Mustafa

ها هڪ اوڀر ۽ ٻيو اولھ کي گھيري وٺندو هو، والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته پاڻ جنهن سڪل وڻ هيٺ ويهندا ها ته اهو وڻ سائو سرسبز ٿي ويندو هو ۽ سندن لاءِ جھڪي ويندو هو، والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته پاڻ لات ۽ عزي بتن وٽان گذرندا هئا ته انهن مان ٻلي جيان دانهن جو آواز ايندو هو۔ والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته الله پاڪ سندن مدد فرمائي ۽ گُھوڙي سوار موڪلي ان تي حملو ڪندڙن کي ڀڄايو ويو ۽ انهن کي حفاظت سان گھر پهچايو ويو۔

والدِ  مصطفيٰ                                                                                         جنتي جنتي

مادَرِ  مصطفيٰ                                                                                          جنتي جنتي

والدينِ مصطفيٰ                                                                         جنتي جنتي

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول!والدِ مصطفيٰ حضرتِ عبدُالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ذبيح جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي، اچو هن لقب جو سبب پڻ ٻڌون ٿا۔

”ذبيح“ لقب ڇو مشهور ٿيو...؟؟

 هڪ ڏينهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڏاڏو حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه حطيم پاڪ ۾ آرام ڪري رهيو هو، خواب ۾ حڪم ٿيو: اِحْفِرْ زَمْ زَمْ يعني زم زم جو کوھ کوٽيو! جيڪو هڪ عرصو اڳ بند ڪيو ويو هو ۽ گڏوگڏ هنڌ جي نشاندهي به ڪئي وئي۔ ان وَقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هڪ ئي پٽ حارث هو، ان کي ساڻ ڪري کوٽائي شروع ڪئي، ڪنهن ان نيڪ ڪم ۾ سندن ساٿ نه ڏنو، قريش به الٽو رڪاوٽ وڌي بلڪه بَعض بيوقوفن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي اَذِيت پڻ پهچائي، ان وَقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه باس باسي ته الله پاڪ مون کي ڏھ پٽ عطا ڪري جيڪي منهنجا مددگار ٿين ته انهن مان هڪ کي شڪراڻي طور ذَبح ڪندس۔([1])


 

 



[1]...شرح الزرقانى على المواهب، المقصد الاول...الخ، ذكر حفر زمزم...الخ، ١/١٧٣-١٧٢ملخصًا.