Book Name:Walidain-e-Mustafa
مان ٻه نور ٻاهر نڪري پکڙجي ويندا آهن، انهن مان هڪ اوڀر ۽ ٻيو اولھ کي ڍڪي وٺندو آهي، پوءِ اهي ٻه نور گول گُھمي بادل وانگر ٿي ويندا آهن، پوءِ آسمان کُلندو آهي ۽ ٻئي نور آسمان ۾ وڃي گھڙي کن ۾ واپس موٽي ايندا آهن، وڌيڪ اهو ته مان جنهن هنڌ ويهان ٿو ته زمين مان آواز اچي ٿو: اي اهي جن ۾ نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امانت طور رکيو ويو آهي، اوهان تي سلام هجن! جڏهن مان خشڪ زمين يا سُڪل وڻ هيٺ ويهان ٿو، ته اهو يڪدم سائو ٿي وڃي ٿو ۽ ان جون ٽاريون مون ڏانهن جھڪڻ لڳن ٿيون، جڏهن اتان کان اٿي وڃان ٿو ته پنهنجي پهرين حالت تي موٽي اچي ٿو۔ اهو ٻُڌي حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: پٽ! مُبَارَڪ اٿئي! مون کي اميد آهي ته اهو نورِ مڪرم جنهن جو اسان سان وعدو ڪيو ويو آهي، اوهان مان ئي ظاهر ٿيندو، تنهنجي وِلادت کان پهريان مون خواب ڏٺا انهن مان اهو ئي اشارو ملي ٿو ته اوهان ٻنهي جهانن ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت واري رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا والد ٿيندؤ۔([1])
والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جڏهن به عَرَب جي ٻن وڏن بُتن ”لات ۽ عُزّٰي“ جي ويجھو ويندا هئا ته اهي ٻلي جيان دانهون ڪندي چوندا ها: اي اهي جنهن ۾ نورِ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امانت طور رکيو ويو آهي! اوهان جو اسان سان ڪهڙو تَعَلُّق!! اسان جي ۽ دنيا جي تمام بُتن جي هلاڪت مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿان ٿيندي۔([2])