Book Name:Walidain-e-Mustafa
شک ان کے ایمان پہ کرنے سے پہلے یاد رکھو
مرے رسول کے والِد ہیں پیارے عبداللہ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهڙي خاندان ۾ موڪليو جنهن جو حسب ۽ نسب پاڪيزه هو۔ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا والد ۽ والده ٻنهي جو خاندان عرب جي بهترين قبيلي، بهترين قوم ۽ بهترين شاخ مان آهي۔ اها به حقيقت آهي ته رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڄو شجرو نسب محترم ۽ نامور شخصيتن تي مشتمل آهي، اهي سڀ جا سڀ پنهنجي قوم جا سردار ۽ رهنما هئا ۽ معاشري ۾ مرڪزي حيثيت رکندا هئا۔ الله پاڪ جي آخري نبي محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ابا ڏاڏا سڀئي الله پاڪ کي هڪ مڃڻ وارا هئا۔ انهن مان ڪو هڪ به اهڙو نه هو جيڪو الله پاڪ کان علاوه ڪنهن ٻي جي عبادت ڪندو هجي۔
رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ڪڏهن ماڻهو ٻه گروھ نه ٿيا پر مون کي الله پاڪ بهتر گروه ۾ ڪيو ته مان پنهنجي ماءُ پيءُ مان اهڙو پيدا ٿيس جو جاهليت واري دور جي ڪا ڳالھ مون تائين ناهي پهتي ۽ مان خالص نڪاح صحيح مان پيدا ٿيس آدم کان وٺي پنهنجي والدين تائين، ته منهنجو نفس ڪريم توهان سڀني کان افضل ۽ منهنجا پيءُ توهان سڀني جي والدين کان بهتر آهن. ([1])
والدِ مصطفيٰ جنتي جنتي
مادَرِ مصطفيٰ جنتي جنتي