Book Name:Walidain-e-Mustafa
ها۔([1]) ٭مَردن کي پنهنجي لباس تي اهڙي خوشبو استعمال ڪرڻ گھرجي جنهن جي خوشبو ڦهلجي پر رنگ جا داغ وغيره نظر نه اچن۔ ([2]) ٭ عورتن جي لاءِ خوشبو جي منع هن صورت ۾ آهي جڏهن اها خوشبو اجنبي مَردن تائين پهچي، جيڪڏهن اهي گھر ۾ عطر لڳائن جنهن جي خوشبو مڙس يا اولاد، ماءُ پيءٌ تائين ئي پهچي ته حرج ناهي۔([3]) ٭اسلامي ڀينرن کي اهڙي خوشبو نه لڳائڻ گھرجي جنهن جي خوشبو اُڏامي غير مَردن تائي پهچي وڃي([4])٭ فرمانِ مصطفيٰ: عورت جڏهن خوشبو لڳائي ڪنهن مجلس وٽان لنگھندي آهي ته اها اهڙي ۽ اهڙي آهي يعني بدڪاره آهي ۔([5])
طرح طرح جون سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا ٻه ڪتاب ” بهارِ شريعت “حِصو16 (312 صفحات) ۽ 120 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”سُنتون ۽ آداب“ ھدِيو ڏئي طلب ڪيو ۽ ان جو مطالعو ڪيو، سنتن جي تربِيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافِلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر به آهي۔
صَلُّوا عَلَي الحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد