Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

غُلام کان معافي وٺي ڇڏي

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي ته ڇا شان آهي، پاڻ الله پاڪ کان تمام گهڻو ڊڄڻ وارا هئا، ان ڪري ڪڏهن به ڪنهن کي ناحق تڪليف نه پهچائيندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنه پنهنجي هڪ غُلام کي فرمايو: مون هڪ ڀيري تنهنجو ڪن مروڙيو هو، ان ڪري تون مون کان ان جو بدلو وٺي وٺ.[1]

سُبْحٰنَ الله! ڇا ڪڏهن ڪنهن ڏٺو آهي ته آقا پنهنجي غُلام کان يا سيٺ پنهنجي مُلازم کان معافي گهرندو هجي، کليل دل سان ان کي بدلو وٺڻ جي آفر ڪندو هجي...؟ ها! جيڪي خوفِ خُدا وارا هوندا آهن، جن کي ڊپ هوندو آهي ته متان منهنجي بظاهر معمولي نظر ايندڙ خطا به قيامت جي ڏينهن پڪڙ جو سبب نه بڻجي وڃي اهي پنهنجي مُلازم ته ڇا، دُنياوي لحاظ کان پاڻ کان گهٽ رُتبي واري کان به معافي گهرڻ ۾ بلڪل نه شرمائيندا آهن. ڇو؟ ان ڪري جو اهي الله پاڪ کان ڊڄندا آهن.

منهنجو رب مون کان ناراض نه ٿي وڃي

حضرت ابو هريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت عثمانِ غني    رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بيمار ٿي پيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ساڻ ڪري انهن جي عيادت لاءِ تشريف فرما ٿيا ته ڏٺائون ته حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ چهرو زمين ڏانهن ڪري ليٽيل هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عثمان! ڇا ٿيو، پنهنجو مٿو ڇو نٿو مٿي ڪرين؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! مون کي الله پاڪ کان حياءُ اچي ٿو. مڪي مديني واري سائين صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇو حياءُ اچي ٿو؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! مان ڊڄان ٿو ته متان منهنجو پاڪ پروردگار مون کان ناراض نه ٿي ويو هجي.!![2]


 

 



[1]... الریاض النضرۃ،الباب الثالث ،الفصل التاسع،جز:3 ،صفحہ:40۔

[2]... ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20۔