Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf
چوندا آهن، رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جا نِياڻا آهن، پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کيس جنّت جي ضمانت ڏني.[1]
نبی کے نور دو لیکر وہ ذُو النُّوْرَیْن کہلائے
انہیں حاصِل ہوئی یوں قربتِ محبوبِ رَحمانی([2])
٭ اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي شهادت کانپوءِ مسلمانن جي ڪثرتِ راءِ سان حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ خليفا مقرر ٿيا.[3] 12 سالن تائين پاڻ خليفا رهيا.[4] 18 ذوالحج 35 هجريءَ ۾ (40 ڏينهن بکايل اڃايل رهي) نهايت مظلوميت سان شهيد ڪيا ويا.[5]
قرآنِ ڪريم ۾ ڪيترن ئي جاين تي حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي شان ۽ عظمت جو بيان موجود آهي، بيان جي شروع ۾ اسان سيپارو: 23، سورة زُمَر، آيت: 9 جو هڪ حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جا 3 اَوصاف
الله پاڪ فرمايو:
اَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ الَّیْلِ سَاجِدًا وَّ قَآىٕمًا یَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَ یَرْجُوْا رَحْمَةَ رَبِّهٖؕ (سيپارو: 23، الزمر: 9)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا اهو شخص جيڪو سجدي ۽ قيام جي حالت ۾ رات جو گهڙيون فرمانبرداري ۾ گذاري ٿو، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جي اميد لڳائي رکي ٿو،
هڪ قول جي مطابق هي آيتِ ڪريمه به مسلمانن جي ٽئين خليفي اَمِيرُالْمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي شان ۾ نازل ٿي.[6] ۽ هن آيت ۾ پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جون 3 صفتون بيان ٿيون آهن:
[1]... الشریعۃ للآجری ،کتاب مذہب امیر المؤمنین علی ابی طالب…الخ،جلد:5 ،صفحہ:2334، حدیث:1825۔
[2]...وسائل بخشش، صفحہ:584۔
[3]...ریاض النضرۃ، الباب الثالث، الفصل العاشر، جز:3، صفحہ:48، ماخوذًا۔
[4]...مسندِ امام احمد ، مسند الانصار، جلد:9 ،صفحہ:98 ،حدیث:22547۔
[5]... کرامات ِ عثمان غنی، صفحہ:3، ملتقطا۔
[6]... اسباب النزول ،سورۂ زمر،زیرِ آیت: 9، صفحہ:284، رقم-763۔