Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

خوفِ خُدا حاصل ڪرڻ جا  طريقا

الله پاڪ اسان کي خوفِ خُدا جي دولت نصيب فرمائي. جيڪڏهن خوفِ خُدا جي نعمت سان مالا مال ٿيڻ چاهيو ٿا ته ٭ ان لاءِ قرآنِ ڪريم جي تلاوت جو معمول بڻايو! خاص طور تي اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب جو، جهنّم جو، قيامت جو ذڪر آهي، انهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي ذهن ۾ ويهاري خوب توجهه سان بار بار انهن آيتن جي تلاوت ڪريو! ٭احاديث ۾ خوفِ خُدا جو بيان آهي، اهڙيون حديثون پڙهو!      ٭ خوفِ خُدا تي مبني ڪتابن جو مطالعو ڪريو! ٭خوفِ خُدا رکندڙ بزرگانِ دِين جي سيرت پڙهو! ٭جدول ٺاهي روزانو يا گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو قبرستان حاضري ڏيو! اتي فاتحه شريف به پڙهو ۽ ساڳئي وقت ان ڳالهه تي غور به ڪريو ته جلد ئي مون کي به قبر ۾ اچڻو آهي، ان وقت منهنجي بي بسي جو عالم ڇا هوندو؟ پوءِ قبر جي معاملن تي غور به ڪيو وڃي. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! خوفِ خُدا جي دولت نصيب ٿي ويندي.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

(3): رحمتِ اِلٰهي کان تمام گهڻي اُميد رکڻ وارا

اي عاشقانِ رسول! آيتِ ڪريمه ۾ حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو ٽيون وَصف بيان ٿيو:

وَ یَرۡجُوۡا رَحۡمَۃَ  رَبِّہٖ  ط  (سيپارو: 23، الزمر: 9)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ پنهنجي ربّ جي رحمت جي اميد لڳائي رکي ٿو،

يعني حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ الله پاڪ جي رحمت کان تمام گهڻي اُميد رکڻ وارا آهن.

خوف  ۽  اُميد ٻئي ضروري آهن

اهو به تمام اَهَم وَصف آهي. الله پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي، ان کان ڪڏهن به نااُميد نه ٿيڻ گهرجي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: