Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، هن ايپليڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالب علمن لاءِ الڳ الڳ رسالا موجود آهن ٭ان کي 6 مختلف ٻولين ٭انگريزي ٭اردو ٭هندي ٭بنگلا ٭گجراتي ۽ ٭سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو٭هن ۾ مختلف نيڪ اعمالن تي مبني سوال ڏنا ويا آهن ٭هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمالن جو جائزو وٺو، ان مطابق زندگي گذاريو،اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اجرو اجرو، نکريل نکريل، خوبصورت ٿي ويندو

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: جلسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ الله چوڻ جي مقدار ويهڻ واجب آهي.

وضاحت: ٻن سجدن جي وچ ۾ ويهڻ کي جلسو چوندا آهن. گهڻن ئي ماڻهن کي اها غلطي ڪندي ڏٺو ويندو آهي ته جلدبازي ۾ جلسي ۾ پورو نه ويهندا آهن، هڪ سجدي مان اٿيا، اڃا پٺي سڌي به نه ٿي هئي ته ٻئي سجدي ۾ هليا ويا، ان طرح جلسو پورو نه ٿيندو آهي، واجب ڇُٽي ويندو آهي ۽ ائين ڪرڻ وارو گنهگار هوندو آهي. ياد رکو! جلسي ۾ سڌو ويهڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ الله چوڻ جي مقدار ترسڻ واجب آهي، جيڪڏهن ويسر ۾ جلسو پورو نه ڪيو ته سجدهءِ سهو واجب ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ائين ڪيو (يعني جلسي ۾ پورو نه ويٺو) ته نماز واجبُ الْاِعَادہ ٿيندي يعني نماز ٻيهر پڙهڻ واجب ٿيندي.[1]


 

 



[1]... فتاویٰ اہلسنت، غیر مطبوع، ریفرینس نمبر:  Nor:12802 ملخصاً۔