Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

آهي پر اوهان عبادت ايئن ڪريو ٿا ڄڻ اوهان تي خوفِ خُدا جو غلبو هجي. فرمايائون: پُٽ! ٻڌ...! عبادت کي ڇڏڻ گمراهي آهي جڏهن ته خوف ۽ اُميد ايمان جا ٻه ٿنڀا (Pillar) آهن. جنهن تي خوفِ خُدا جو غلبو هجي، اهو پنهنجي خوف کي دور ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي عذاب کان بچڻ لاءِ عبادت ڪندو آهي ۽ جنهن تي اُميدِ رحمت جو غلبو هجي، اهو الله پاڪ جي رحمت جو حقدار بڻجڻ لاءِ عبادت ڪندو آهي، جيستائين عبادت نه هجي، نه خوف ڪو فائدو ڏيندو آهي، نه اُميد. ها! ٻانهو عبادت ڪندو هجي ته اُميد ۽ خوف ٻئي ئي عبادت بڻجي ويندا آهن.[1]

اهو آهي اُميدِ رحمت جو اصل مفهوم...!! اسان کي الله پاڪ جي رحمت کان اُميد رکڻي آهي، ضرور رکڻي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ عبادت به ڪرڻي آهي، نمازون به پنج ئي وقت، اهي به باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻيون آهن، روزا به رکڻا آهن، تلاوت به ڪرڻي آهي، باقي نيڪ اعمال به ڪرڻا آهن. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بلند رُتبي وارا صحابيءِ رسول آهن، قرآنِ ڪريم جون ڪيتريون ئي آيتون سندن شان ۾ نازل ٿيون، قرآنِ ڪريم ۾ هڪ جاءِ تي سندن 3 اَوْصاف بيان ٿيا آهن: (1): اوهان راتين جو عبادت ڪرڻ وارا آهيو (2): الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا آهيو (3): ۽ الله پاڪ جي رحمت کان اُميد رکڻ وارا آهيو.
حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي صدقي الله پاڪ اسان کي به اهي ٽيئي اوصاف اپنائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپليڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمالن ۾ اضافي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي،


 

 



[1]... کَشْفُ الْمَحْجُوب، صفحہ: 184بتغیر قلیل ۔