Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ      (سيپارو: 24، الزمر: 53)

                ترجمو ڪنزُ العرفان: الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو.

هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ جي آهي ته الله پاڪ جو خوف ۽ ان جي رحمت کان اُميد، ٻئي ئي ضروري آهن، جيڪڏهن صرف خوفِ خُدا جو غلبو هجي ۽ ٻانهو رحمت کان بلڪل نااُميد ٿي وڃي، اهو به درست ناهي ۽ الله پاڪ جي رحمت کان اُميد هجي پر ٻانهو الله پاڪ جي پڪڙ کان بلڪل بي خوف ٿي وڃي، اهو به درست ناهي. حُجَّةُ الْاِسْلام امام محمد غزالي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ پنهنجي ڪتاب مِنْهَاجُ الْعَابِدِين ۾ خوف ۽ اُميد کي عَقْبَةُ الْبَوَاعِثْ جو نالو ڏنو آهي يعني خوف ۽ اُميد اهي شيون آهن جيڪي انسان کي عبادت تي اڀارين ٿيون. ان ڪري هڪ نيڪ ۽ عبادت گذار، سٺو مسلمان بڻجڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان الله پاڪ جي رحمت کان اُميد به رکون ۽ ان جي خفيه تدبير کان، ان جي غضب کان خوفزده به رهون.

معاشري ۾ مايوسي جون مثالون

بدقسمتي سان اڄڪلهه جيئن خوفِ خُدا جي ڪمي ملي ٿي، ائين ئي مايوسي به پکڙجندي پئي وڃي. ٭هڪ ڏينهن دُڪان تي آمدني گهٽ ٿي ته دل پريشان ٿي وڃي ٿي ٭بيمار ٿي وياسين ته مايوسي ٭ڪا پريشاني اچي ته مايوسي ٭مُصيبت اچي وڃي ته مايوسي ٭اسان جا نوجوان امتحان ۾ ناڪام ٿي وڃن ته مايوس ٿي وڃن ٿا ٭ڪي نادان ته مايوسي جي کڏ ۾ ايئن ڪرن ٿا جو تنگدستي، غربت، پريشاني ۽ امتحان وغيره ۾ ناڪامي کان مايوس ٿي خودڪشي جو رستو وٺن ٿا. اَلْاَمَانْ وَالْحَفِيْظ     الله پاڪ محفوظ فرمائي. الله پاڪ جي رحمت کان هرگز مايوس نه ٿيڻ گهرجي. مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان پڇيو ويو: سڀ کان وڏو گناهه ڇا آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بي خوفي ۽ ان جي رحمت کان مايوس ٿي وڃڻ.[1]


 

 



[1]... کنزالعمال، کتاب الاذکار،جز:2 ،جلد:1 ، صفحہ:167، حدیث:4322 ملتقطًا۔