Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

آلِ عِمْرَان مڪمل فرمائي (يعني پوڻا چار سيپارا تلاوت فرمائي ورتا) پر رڪوع نه ڪيو بلڪه سورة نِسَآء شروع فرمائي ڇڏي.

  حضرت حذيفه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: مون سوچيو شايد حُضُور سورة نِسَآء مڪمل ڪري رڪوع فرمائيندا، هن ڀيري به منهنجو خيال درست نه هو، نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سورة نِسَآء مڪمل ڪئي (يعني سوا پنج سيپارا پورا ٿي ويا)، هاڻي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سورة مَائِدہ شروع فرمائي ۽ سورة مَائِدہ مڪمل تلاوت ڪرڻ کان پوءِ (يعني تقريبن سوا ڇهه سيپارا پڙهي) رڪوع فرمايو. مون ٻڌو: پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن رڪوع ۾ سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيْم پڙهي رهيا هئا، پوءِ (ٻي رڪعت ۾) پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سورة اَنْعَام شروع فرمائي.[1]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! بخشيل بخشايل آقا، اُمّت کي بخشائڻ وارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا، نُورِ خُدا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن ڪيتري ڪثرت سان ۽ ڪهڙي پابندي سان عبادت ڪندا هئا. پوءِ هتي اهو به غور ڪريو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جون مصروفيتون ڪيتريون هيون؟ اسان تي عموماً هڪ گهر جي ذميواري هوندي آهي، هڪ گهر جي ڪجھ فردن جي سار سنڀال ڪرڻي هوندي آهي پر اسان جا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ پوري ڪائنات جا نبي آهن، نبوت جا فرض به انجام ڏيندا هئا، صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان کي عِلۡمِ دِين به سيکاريندا هئا، نيڪي جي دعوت به ڏيندا هئا، غمخواري به فرمائيندا هئا، مريضن جي عيادت به فرمائيندا هئا، پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي خدمت ۾ ماڻهو فرياد آڻيندا هئا، انهن جي فرياد به ٻڌندا هئا ۽ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي ته اها شان آهي جو جانور به پاڻ     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ئي حضور ۾ ڏک درد ٻڌائيندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن انهن کي به شفقت ۽ رحمت سان نوازيندا هئا ائين سوچيندا وڃو!


 

 



[1]...سُبُلُ الْهُدَیٰ،جماع ابواب سیرتہ …الخ،الباب الثالث فی وقت قیامہ…الخ،جلد:8 ،صفحہ:278 ملتقطًا۔