Book Name:Deen Aur Qurbani
پهچايائون، (صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم الحمدلله! فرمانبردار هئا،) انهن پيغام ٻڌو ته فورا بارگاهِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ سان ڪري ڇڏيو. هاڻي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ لاءِ پيسن جو اهتمام فرمايو، انهن پئسا ورتا ۽ پنهنجي زال لاءِ ڪجهه شيون خريدڻ لاءِ بازار هليا ويا. هاڻي هي موقعو قرباني جو آهي، نه ڄاڻ ڪڏهن کان دل ۾ شادي جي حسرت هوندي، اڄ اها حسرت پوري ٿي، حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو اڃا تازو نڪاح ٿيو آهي، اڃا زال کي ڏٺو به نه آهي، بازار مان پنهنجي نئين ڪنوار لاءِ شيون خريد ڪري رهيا هئا ته اعلان ٿيو: اي مجاهدو! رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جنگ لاءِ روانا ٿيڻ وارا آهن، سڀ مجاهد جلد حاضر ٿي وڃن. حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ هي اعلان ٻڌو ته مٿو آسمان طرف کنيائون ۽ چيائون: اي الله ڪريم! مان انهن پيسن کي تنهنجي ۽ تنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا لاءِ خرچ ڪندس. جيئن پاڻ انهن پيسن مان هڪ گهوڙو، هڪ نيزو، هڪ تلوار ۽ هڪ ڍال خريد ڪئي، عمامو ٻڌو، جنگ جي تياري ڪئي ۽ لشڪرِ اسلام سان وڃي مليا. جنگ ۾ شريڪ ٿيا، وڏي بهادريءَ سان وڙهيا، ڪيترن ئي دشمنن کي جهنم پهچايائون، آخرڪار ميدان جنگ ۾ هڪ آواز گونجهيو: سعد کي نيزو لڳو ۽ اهي شهيد ٿي ويا.
هي قرباني هئي، ان جنگ ۾ شهيد ته ٻيا صحابه به ٿيا هوندا پر حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ وانگر نئين ڪنوار کي انتظار ڪندي ڇڏي، دل جون حسرتون دل ۾ ئي دٻائي شايد ڪو نه آيو هوندو، ان لاءِ سندن قرباني ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻي مختلف هئي، ان قرباني جي شان نرالي هئي. ان عظيم قربانيءَ تي کين انعام ڇا مليو، ٿورو دل جهلي ٻڌو! روايت ۾ آهي: جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي شهادت جي خبر ملي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا، فَرَفَعَ رَاْسَہٗ وَوَضَعَہٗ عَلٰي حِجْرِہٖ (رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو مٿو کنيو ۽ پنهنجي