Book Name:Deen Aur Qurbani

۽ اڃ به آهي، ان جي باوجود امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنهنجي فيصلي تي شرمسار نه آهن، مبارڪ پيشانيءَ تي ڪو به گهنج نه آهي، زبان تي شڪوا جي ته ڳالهه ئي پري، دل ۾ به ڪا شڪايت ناهي، صبر، استقامت، تحمل، برداشت ۽ رضا چهري تي صاف واضح آهي، امام عالي مقام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ خيمي مان هلڻ وقت باپردہ عورتن کي به صبر ۽ رضا جي تلقين ڪئي ۽ جڏهن ميدانِ ڪربلا ۾ پهتا ته آخري خطبو ارشاد فرمايائون، ان خطبي ۾ به  پاڻ آخر ۾ اهو ئي فرمايو: وَالْحُکْمُ لِلّٰہِ وَ رَضِیْنَا بِقَضَاءِ اللہِ (حڪم ۽ فيصلو الله پاڪ جو ئي آهي ۽ اسان الله پاڪ جي فيصلي تي راضي آهيون.)[1](

 روايتن ۾ آهي: جنگ دوران امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مبارڪ چهري تي تير لڳو، منهن مان رت وهڻ لڳو، توهان اهو رت  ٻُڪ ۾ ورتو، ٻُڪ ڀرجي ويو، پاڻ اهو رت آسمان طرف اڇلايو ۽ فرمايو: اي الله پاڪ! هي تنهنجي نبي جي ڌيءَ جي پٽ جو رت آهي، مان ان جو بدلو گهران ٿو. راوي چون ٿا: ان رت جو هڪ قطرو به واپس زمين تي نه ڪيو.)[2](

ہزاروں میں بہتّر تن تھے تسلیم و رضا والے                                     حقیقت میں خُدا اُن کا تھا اور یہ تھے خُدا والے

کسی نے جب وطن پوچھا تو حضرت نے یہ فرمایا                       مدینے والے کہلاتے تھے، اب ہیں کربلا والے

حسین ابن علی کی کیا مدد کر سکتا تھا کوئی                                                                       یہ خود مشکل کشا تھے اور تھے مشکل کشا والے

  الله! الله! هيءَ آهي امام عالي مقام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي اها شان، اها همت، اهو حوصلو، اهو صبر ۽ استقامت جنهن سان پاڻ ميدانِ ڪربلا ۾ تشريف آندائون، انهيءَ شان ۽ استقامت سان پاڻ جان قربان ڪئي ۽ اها ئي امام عالي مقام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي شان ۽ استقامت آهي جيڪا ڪربلا کي زندهه رکي ٿي.


 

 



[1]...سوانح کربلا، صفحہ: 162 - 165 خلاصۃً۔

[2]...تاریخِ مدینہ دمشق، رقم: 1566، الحسین بن علی،جلد:14، صفحہ:223 ملتقطاً۔