Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
توهان کي هن دُنيا ۾ به تمام گهڻا بلند شان عطا فرمايا آهن پر هن دُنيا مان پردو فرمائي وڃڻ کان پوءِ جا جيڪي توهان جا شان آهن، اهي انهن شانن کان وڌيڪ بهتر آهن.
تنهنڪري معلوم ٿيو ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن دُنيا مان پردو فرمايو ته ان پردي فرمائڻ سان سندن شان ۽ عظمت ۾ ڪا به ڪمي نه آئي بلڪه اها جيڪا دُنياوي ظاهري زندگي مبارڪ هئي، پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان وڌيڪ بهتر زندگي سان پنهنجي مزار مبارڪ ۾ تشريف فرما آهن.([1])
|
تُو زندہ ہے واللہ! تُو زندہ ہے واللہ! |
مرے چشمِ عالَم سے چھپ جانے والے([2]) |
محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا دنياوي شان
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ لَلۡاٰخِرَۃُ خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾
(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.
هتي الله ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا 2 طرح جا شان بيان فرمايا آهن: (1): هڪ پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا دُنياوي شان (2): ٻيا پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُخروي شان. الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جا جيڪي اُخروي شان آهن، اهي انهن دنياوي شانن کان وڌيڪ بهتر آهن.
هاڻي هتي غور اهو ڪرڻو آهي ته دُنيا ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شان ڇا آهن؟ الله اڪبر! * منهنجو محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو آهي جو الله پاڪ کين اَوَّل نبي به بڻايو آهي * آخري نبي به بڻايو آهي * پاڻ سڳورا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مقصودِ ڪائنات به آهن * مطلوبِ ڪائنات به آهن * محبوبِ ڪائنات به آهن * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي آهن جن جو نالو پاڪ عرش تي، جنت ۾، جنتي وڻن جي پنن تي لکيو ويو آهي * پاڻ سڳورا ئي آهن جو سندن ربِ ڪريم به سندن