Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

هرگز پکڙجي نه سگهي پر تاريخ گواهه آهي، مڪّي جي ڪافرن ذڪرِ مصطفيٰ کي روڪڻ جي جيتري ڪوشش ڪندا هئا، اهو مبارڪ ذڪر اوترو ئي بلند ٿيندو پئي ويو، اهي اسلام کي مٽائڻ چاهيندا هئا پر محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي غُلامن ۾ اضافو ئي ٿيندو پئي ويو.

تُو گھٹائے سے کسی کے نہ گھٹا ہے نہ گھٹے

جب بڑھائےتجھےاللہ تَعَالٰی تیرا ([1])

مڪي وارن جي بيھوده سازش

مڪي پاڪ ۾ هڪ جڳهه هئي، جنهن کي دارُالنَّدْوه چوندا هئا، جڏهن مڪي جي ڪافرن اهو ڏٺو ته اسان اسلام کي جيترو دٻايون ٿا، اسلام اوترو ئي اڀري ٿو، اسان ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جيترو مٽايون ٿا، اهو اوترو ئي پکڙجندو پيو وڃي ته اَهلِ مڪه دارُالنَّدْوه ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس رکي، ان ڪانفرنس (Conference) ۾ مڪي جا سمورا وڏا وڏا ڪافر، وڏا وڏا سردار ۽ دانشور (عقلمند يعني حقيقت ۾ عقل جا دشمن) گڏ ٿيا، شيطان به هڪ پوڙهي جي شڪل ۾ اچي ويو، اهو به ان ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو، ڪانفرنس جو موضوع (Topic) هي هو ته اسان جون سڀ ڪوششون (Efforts) ناڪام ئي ٿينديون پيون وڃن، اسان غُلامانِ مصطفيٰ تي ظلم به ڪيا، انهن کي سخت کان سخت تڪليفون به ڏنيون، 3 سالن تائين انهن سان مقاطعه (Bycott) ڪري شعبِ ابي طالب ۾ بکيو اُڃيو به رکيو پر ذڪر مصطفيٰ آهي جو وڌندو ئي پيو وڃي، اسلام آهي جو پکڙجندو ئي پيو وڃي، ڏينهون ڏينهن مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ئي ٿي رهيو آهي، آخر مُحَمَّد صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معاملي کي ڪيئن ختم ڪجي؟

عقل ہوتی تو خُدا سے نہ لڑائی لیتے                    یہ   گھٹائیں،   اسے   منظور   بڑھانا   تیرا([2])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:29۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:28۔