Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

 

فرش والے تری شوکت کا عُلُو کیا جانیں؟

خُسْرُوَا عرش پہ اُڑتا ہے پَھرَیرا تیرا([1])

آيتِ ڪريمه جون ٻه معنائون

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:

وَ  لَلۡاٰخِرَۃُ  خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾

(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)      

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.

هتي 2 ڳالهين جو بيان آهي: (1): هڪ آهي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ماضي ۽ (2): هڪ آهي سندن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مستقبل يعني هڪ لفظ آهي: اَلْآخِرَةُ(پوئين گهڙي) ۽ ٻيو لفظ آهي: اَلْاُوْلٰى(پهرين گهڙي). انهن ٻنهي مان ڇا مراد آهي؟ مُفَسِّرِينِ ڪرام انهن ٻنهي لفظن جا 2، 2مطلب بيان فرمايا آهن.

آيتِ ڪريمه جي پهرين معنيٰ

ان جي هڪ تفسير ته اها آهي ته اَلْآخِرَةُ مان هر ايندڙ لمحو، ايندڙ ڪلاڪ، ايندڙ ڏينهن، ايندڙ هفتو (Week)، مهينو (Month) ۽ سال (Year) مراد ورتو وڃي ۽ اَلْاُوْلٰى مان پياري محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هر گذريل لمحو مراد هجي.[2] هن صُورت ۾ آيتِ ڪريمه جي معنيٰ ۽ مطلب هي ٿيندو: اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هر ايندڙ لمحي، ڪلاڪ ۽ ڏينهن ۾ توهان جا درجا بلند کان بلند ئي ٿيندا ويندا، توهان کي عزّت تي عزّت، عظمت تي عظمت، رفعت تي رفعت ۽ شان ۽ شوڪت ئي عطا ٿيندي ويندي، توهان جي مقام ۽ مرتبي ۾ ڪنهن به لمحي ڪمي نه ايندي

هن کي منظور وڌائڻ تنهنجو

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي منهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! توهان ٿورو غور فرمايو! سورة وَالضُّحٰى نازل


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:16۔

[2]...تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:4،جلد:11،صفحہ:193خلاصۃً۔