Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
اِذَا يَئِسُوْا جڏهن سڀ مايوس ٿيندا، مان انهن کي خوشخبري ٻڌائڻ وارو بڻجندس. وَ لِوَاءُ الْحَمْدِ بِیَدِی حمد جو جهنڊو منهنجي هٿ ۾ هوندو وَ مِفْتَاحُ الْجَنَّةِ یَوْمَئِذٍ بِیَدِیْ جنت جي چاٻي ان ڏينهن منهنجي هٿ ۾ هوندي وَ اَنَا اَکْرَمُ وُلْدِ آدَم یَوْمَئِذٍ عَلٰی رَبِّی ان ڏينهن الله پاڪ وٽ تمام اولادِ آدم ۾ سڀ کان وڌيڪ عزّت وارو مان هوندس یَطُوْفُ عَلَیَّ اَلْفُ خَادِمٍ کَاَنَّہُمْ لُؤْلُؤٌ مَّکْنُوْنٌ هڪ هزار خادم خدمت لاءِ منهنجي چوڌاري ڦرندا ڄڻ ته اهي لڪائي رکيل موتي آهن.([1])
اوهان جي ڪري، خلق ڪٿان جو ڪٿان ٿي وئي
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ان سان گڏوگڏ اها مشهور و معروف حديثِ شفاعت به ٿورو ذهن ۾ آڻيو! الله اڪبر! 50 هزار سالن جو اهو هولناڪ ڏينهن هوندو، زمين ٽامي (Copper) جي زمين سان بدلي ويندي، سج هڪ ميل تي رهي باهه وسائي رهيو هوندو، ماڻهو پگهر ۾ ٻڏي رهيا هوندا، زبانون اُڃ جي ڪري ٻاهر اچي رهيون هونديون، پگهر وهي زمين ۾ جذب ٿي رهيو هوندو، ايتري تائين جو زمين ۾ پگهر (Sweat) جذب ڪرڻ جي گنجائش نه رهندي، پوءِ ماڻهن جو پگهر زمين جي مٿان وهڻ شروع ٿيندو، ايتري تائين جو ڳچيءَ کان به مٿي ٿي ويندو، ماڻهو ان ۾ غوطا کائيندا، گهٻرائي گهٻرائي دل نڙيءَ تائين اچي ويندي. ماڻهو انهن آفتن (Calamities) کان تنگ اچي چاهيندا ته هن مشڪل مان ڪنهن طرح نجات ملي، وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ حساب ئي شروع ٿئي، سڀ پاڻ ۾ ملي ڪنهن اهڙي جي ڳولا ۾ نڪرندا، جيڪو ربِ قھار جي جناب ۾ انهن جي شفاعت ڪري، جيئن ته حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي بارگاهه ۾ حاضري ٿيندي، پاڻ اِذْهَبُوْا اِلى غَيْرِيْ فرمائيندا يعني مون کان علاوه ڪنهن ٻئي وٽ وڃو![2] ماڻهو حضرت نُوح عَلَیْهِ السَّلَام جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا، اتي به اهو ئي جواب ملندو، پوءِ هڪ هڪ ڪري حضرت ابراهيم خليلُ الله، حضرت موسيٰ ڪليمُ الله، حضرت عيسىٰ رُوحُ