Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
مَعَاذَ الله! شهيد ڪرڻ جي ارادي سان آيا هئا، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي اکين اڳيان گذري ويا پر انهن کي نظر به نه آيا.([1])
ڪٿي ته هي ڪُفار جيڪي مَعَاذَ الله! محبوب جو ذڪر مٽائڻ تي آماده هئا، ڪٿي اها مديني جي پياري پياري بستي جتي محبوب جي آمد تي جشن ملهايو پئي ويو.
ڪافر چاهيندا هئا ته اهو ذڪر مٽجي وڃي پر ربِ ڪريم پنهنجي محبوب جو ذڪر وڌيڪ بلند فرمايو ۽ مديني پاڪ جون فضائون
طَلَعَ
الْبَدْرُ عَلَيْنَا (اسان تي چوڏهين جو چنڊ طلوع ٿي ويو)
جي ترانن سان گونجڻ شروع ٿي ويون.
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي محبوب جو ذڪر...!! جيڪو گهٽجڻ ته پري جي ڳالهه ڪنهن لمحي رڪجي به نه ٿو پر پهرين کان وڌيڪ وڌندو ئي پيو وڃي.
مٹ گئے، مٹتے ہیں، مٹ جائیں گے اعدا تیرے نہ مٹا ہے نہ مٹے گا کبھی چرچا تیرا([2])
۽ هڪ ٻي جاءِ تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکيو:
وہی دُھوم ان کی ہے ماشَآءَ اللہ! مٹ گئے آپ مٹانے والے ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اها ته ان دور جي ڳالهه هئي، اڄ ترقي يافته (Progressive) زمانو آهي، ڪمپيوٽر ۽ موبائل، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو دور آهي، اڄ ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي روڪڻ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڪوششون نه پيون ٿين؟ * مَعَاذَالله! قرآنِ ڪريم جون بي حرمتيون ڪيون وڃن ٿيون * محبوبِ ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون گستاخيون ڪيون وڃن ٿيون * سوشل ميڊيا ذريعي، يوٽيوب، فيس بڪ، ٽوئيٽر (Twitter) وغيره ذريعي