Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
، اڄ اسان سورة وَالضُّحٰى جي چوٿين آيتِ ڪريمه ۽ ان جي ضمن ۾ شانِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دُعا آهي ته هو اسان کي قرآنِ ڪريم سکڻ، پڙهڻ، ان کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ پنهنجي آخري نبي، چهره وَالضُّحٰى واري نبي، زُلفِ وَالَّيْل واري نبي، محبوب نبي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيارن پيارن خطابن سان نوازيندي، سندن بي مثال شانن، عظمتن ۽ رفعتن جي بيان ۾ ارشاد فرمايو:
وَ لَلْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰىؕ(۴)
(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.
اسان ٻڌو هو ته جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِعلانِ نبوت فرمايو، ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ وَحْي جو اچڻ رڪجي ويو هو، ان تي مڪي جي ڪافرن اعتراض ڪيو ته مُحَمَّد (صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي کين رَبّ ڇڏي ڏنو آهي. ان جي جواب (Reply) ۾ رَبِّ ڪائنات فرمايو: اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي رُخِ روشن جو قسم...!! توهان جي وَالَّيْل زُلفن جو قسم! توهان جي رَبّ توهان کي نه ڇڏيو آهي، نه ئي هو توهان کان ناراض ٿيو آهي، هاڻي هن آيتِ ڪريمه ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي غير مسلم ڀلا توهان جي عظمت کي ڇا ڄاڻن...!! توهان اهي پيارا محبوب آهيو جو توهان جي شان ۽ عظمت ۾، رفعت ۽ بلندي ۾، مقام ۽ مرتبي ۾، عزّت ۽ شوڪت ۾ اِضافو ئي اِضافو ٿيندو رهندو، ان ۾ ڪنهن وقت، ڪنهن لمحي، ڪنهن ڏينهن گهٽتائي (Reduction) جو ڪو تَصَوُّر ئي ناهي.