Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

 

ڪانفرنس شروع ٿي، سڀني ڪافرن پنهنجا پنهنجا مشوَرا ڏنا، آخر ۾ ابوجھل چيو: منهنجي راءِ اها آهي ته سڀني قبيلن (Tribes) مان هڪ هڪ بهادر چونڊيو وڃي، سڀ پنهنجون تلوارون کڻي هڪ ئي وقت حملو ڪن ۽ مُحَمَّد صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي شهيد ڪري ڇڏين (مَعَاذَ الله! اَسْتَغْفِرُ الله!) ڇو ته بنوهاشم سڀني قبيلن سان جنگ ڪري نه سگهندا، تنهنڪري ديت (يعني خُون بها) وٺڻ تي راضي (Agree) ٿي ويندا، تنهنڪري اسان سڀ گڏجي انهن کي خُون بها ڏئي ڇڏينداسين. ائين نه مُحَمَّد صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رهندا، نه اسلام پکڙبو.

سڀني جو ان راءِ تي اتفاق ٿي ويو ۽ هر شخص اهو خوفناڪ منصوبو کڻي پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو، هتي هي بدبخت سازشون ڪري رهيا هئا، اتي رَبِّ ڪائنات پنهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي حڪم ڏنو ته اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اڄ رات هجرت ٿيندي. پوءِ رات ٿي، هر قبيلي جو هڪ هڪ بهادر تلوار کڻي آيو ۽ پياري محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گهر مبارڪ جو محاصرو ڪري ورتو.

هاڻي هتي صاحِبِ خُلْقِ عظيم، محبوبِ ربِ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا اخلاق به ڏسو! اهي ئي ڪافرَ جيڪي مَعَاذَ الله! جان جا دشمن آهن، انهن جون ئي امانتون پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ رکيل آهن، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي سڀ امانتون حضرت علي رَضِيَ الله عَنْه جي حوالي ڪيون، کين پنهنجي بستري مبارڪ تي سمهاريو ۽ حڪم ڏنو ته سڀاڻي صبح اهي سڀ امانتون انهن جي مالڪن کي واپس ڪري مديني اچي وڃجان. اهو حڪم ڏئي سرڪارِ عالي وقار، رسولِ مالِڪ و مختار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گهر مبارڪ کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، هٿ مبارڪ ۾ ڪجهه مٽي کنئي ۽ سورت يٰسِين شريف جي تلاوت ڪندي، سڀني محاصرو ڪندڙن جي مٿي تي مٽي وجهندي نڪري ويا ۽ هجرت ڪري مدينهءِ مُنَوَّره ڏانهن روانا ٿي ويا. اهي جيڪي بهادر سڏرائيندا هئا، جيڪي محبوبِ ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي