Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz
اي عاشقانِ اولياء! خبر پئي ته پير جي خدمت ڪري ان کي ٿورو نه ڄاڻائڻ گھرجي، ڇوته اسان جهڙن کي الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها پنهنجي خدمت جي لاءِ قبول فرمائن اها ئي انهن جي مهرباني آهي۔ ڇوته انهن کي نه ته اسان جي خدمت جي ضرورت آهي ۽ نه ئي اسان جي مال و دولت جي ڪا حاجت جيئن ته:
حضرت عبد العزيز دبّاغ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا ته ڪو به شيخ پنهنجي مريد کان ڪنهن قسم جي ظاهري خدمت، دنيا جي مال يا ڪنهن ٻي فائدي جو طلب گار ناهي هوندو بلڪ ان کي پنهنجي مريد کان صرف اها اميد هوندي آهي ته ان جو مريد هر حالت ۾ پنهنجي شيخ کي صاحبِ ڪمال، صاحبِ توفيق، صاحبِ بصيرت، صاحبِ معرفت ۽ صاحبِ قرب سمجھي ۽ پوءِ سڄي زندگي انهيء عقيدي تي قائم رهي، ان صورت ۾ هر قسم جي خدمت مريد جي لاءِ مفيد ثابت ٿيندي پر جيڪڏهن اها خوش اعتقادي موجود نه هجي يا جيڪڏهن هجي ۽ پڪي نه هجي ته مريد جي دل وسوسن جو شڪار رهندي ۽ ان صورت ۾ مريد ڪجھ به حاصل نه ڪري سگھندو۔
(الابريز، الباب الخامس في ذڪر التشايخ و الارادۃ، الجزء الثاني، ص ۷۸)
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ عملن تي استقامت سان گڏوگڏ ايمان جي حفاظت انتهائي ضروري آهي ۽ ان جو هڪ بهترين ذريعو ڪنهن مرشدِ ڪامل سان بيعت ٿي وڃڻ به آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا : ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن ڪامل مرشِد وٽ مُريد ٿيڻ به آهي۔ الله پاڪ قُرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو۔
یَوْمَ نَدْعُوْا كُلَّ اُنَاسٍۭ بِاِمَامِهِمْۚ-
ترجموڪنزالايمان: جنهن ڏينهن اسان هر جماعت کي ان جي امام سان گڏ سڏ ڪنداسين. (پ 15 بني اسرائيل:71)
مُفسّرِ قرآن، مُفتي احمد يارخانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيتِ سڳوري جي حوالي سان لکن ٿا: هن مان معلوم ٿيو ته دنيا ۾ ڪنهن نيڪ شخص کي پنهنجو امام بڻائڻ گھرجي شريعت ۾ ”تقليد“ ڪري ۽ طريقت ۾ ”بيعت“ ڪري، ته جيئن حشر چڱن سان گڏ ٿئي. وڌيڪ فرمائن ٿا؛ هن آيت ۾ تقليد، بيعت ۽ مريدي سڀني جو ثبوت آهي. (تفسير نور العرفان، پ۱۵، بني اسرائيل، تحت الآيۃ: ۷۱، ص ۴۶۱)
پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته پير و مرشد جو هئڻ ڪيترو ضروري آهي، ياد رهي! ته ڪنهن پيرِ ڪامل جي هٿ تي بيعت ٿيڻ اهو ڪو نئون طريقو نه آهي بلڪ صدين کان هلندو پيو اچي، تمام صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مريد هئا ۽ ان کان پوءِ اچڻ وارا ولي سڳورا به ڪنهن نه ڪنهن پيرِڪامل جا مريد هئا،
اچو! اُنهن ڪجھ عظيم هستين جو ذِڪرِ خير ٻڌون ٿا، جيڪي پاڻ به وڏي هستي هئڻ جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن پيرِ ڪامل جا مُريد هئا۔ ٭ سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، سيد شاه آلِ رسول مارَهري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ صدرالشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، خواجه عبدالواحد بن زيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ نظام الدين اوليا محبوب الٰهي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، بابا فريدُ الدين گنج شڪررَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ بابا فريد الدين گنج شڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، قطبُ