Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz

(سير الاقطاب، ص142،ملخصاً)

اپنے قدموں میں بُلا خواجہ پیا خواجہ پیا                    اور جلوہ بھی دِکھا خواجہ پیا خواجہ پیا

آہ کتنی دیر سے میں دُور ہوں اجمیر سے                  جانے میں کب آؤں گا خواجہ پیا خواجہ پیا

پير و مرشد جي تلاش ۽ خدمت 

خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 15 سال جي عمر ۾ حصولِ علم جي لاءِ سفر اختيار ڪيائون ۽ سمرقند ۾ باقاعده علمِ دين جو آغاز ڪيائون۔ پهريان قرآنِ پاڪ حفظ ڪيو ۽ ٻيا عُلوم حاصل ڪيا۔ پر جيئن جيئن علمِ دين سکندا ويا علم جو ذوق ويتر وڌندو ويو، مجموعي طور تي تقريباً پنج سال سمرقند ۽ بُخارا ۾ حُصولِ علم جي لاءِ قيام فرمايائون۔ (فيضان ِخواجه غريب نواز،ص۶ ملتقطا) اِن عرصي ۾ ظاهري علم ته مڪمل حاصل ڪري چُڪا هئا پر جنهن سِڪ وچان گهر وارن کي خيرآباد چيو هو اُن جي تسڪين اڃان باقي ھئي، انهيءَ ڪري اھڙي ماهر طبيب جي ڳولها ۾ نڪري پيا جيڪو دل جي درد جي دوا ڪري سگھي، هـاڻي ڪامل مرشد جي ڳولها ۾ بُخارا کان حجاز ڏانهن سفر ڪرڻ جي تياري ڪئي. رستي ۾ جڏهن نيشاپور جي آس پاس واري علاقي ”ھاروَن“ وٽان لنگھيا ته وقت جي قُطُب، مردِ قلندر حَضۡرَتِ سَيّدنَا عثمان ھاروَني چِشۡتِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شُهرت ٻُڌي ته فورًا خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اُنهن جي ھٿن تي بيعت ڪري چشتي سلسلي ۾ داخل ٿي ويا۔ (مرآۃ الاسرار، ص۵۹۴ ملخصاً) پاڻ تقريبًا 20 سال تائين مُرشدِ ڪامل جي خدمت ۾ حاضر رهيا ۽ مَعرِفَت جون منزلون طئي ڪندي باطني عُلوم سان فيض ياب ٿيندا رهيا ۽ خدمت جو عالَم اهو هو جو پاڻ جا پيرو مرشد حضرت خواجه عثمان هاروَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جتي به تشريف وٺي ويندا هئا پاڻ مرشد جو سامان پنهنجي ڪلهي تي کڻي گڏ ويندا هئا ۽ ڪيئي ڀيرا مُرشد سان گڏ حج جي سعادت پڻ ماڻي۔ (اللّٰه کے خاص بندے عبده، ص ۵۰۹ ملخصاً) خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ ارشاد فرمائن ٿا: ته مان ۽ منهنجا پيرو مُرشد خواجه عثمان هاروَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هميشه سفر ۾ رهندا هئاسين، هڪ شهر ۾ تمام گھٽ قيام ڪندا هئاسين، سندن جي باري ۾ ايستائين لکيو ويو آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ 20 سال 6 مهينا هن طرح گذاريا جو ڏينهن رات مجاهدو ۽ محنت ۾ گذرندا هئا ۽ پنهنجي پيرو مرشد جي وضو وارو ڪوئنرو ۽ بستر پنهنجي مٿي تي رکندا هئا. (مناقب الحبيب مترجم، ص ۶۵ملخصا) وڌيڪ فرمائن ٿا: جڏهن منهنجي پيرو مُرشد خواجه عثمان هاروَنيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي خدمت ۽ عقيدت ڏٺي ته اهڙي ڪمالِ نعمت عطا فرمائي جنهن جي ڪا انتها ناهي۔

میں ہوں سائل میں ہوں منگتا       یاخواجہ مِری جھولی بھر دو!

ہاتھ بڑھا کر ڈال دو ٹکڑا                   یاخواجہ مِری جھولی بھر دو!

جو بھی سائل آجاتا ہے                    مَن کی مُرادیں پا جاتا ہے

میں نے بھی دامن ہے پَسارا                         یا خواجہ مِری جھولی بھر دو!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          اي عاشقانِ خواجه غريب نواز! اوهان ٻڌو ته پيرو مرشد جي خدمت هڪ مُريد کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائيندي آهي، پير و مرشد جي خدمت هڪ مريد جي لاءِ سعادت ۽ دنيا و آخرت ۾ سُرخروئي جو سبب آهي ۽ يقيناً جهڙي طرح هر مُحب جي چاهت هوندي آهي ته محبوب جي