Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اسان جا خواجه غريبِ نوازرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پيرو مرشد جو ڪيترو ادب ۽ ڪيتري خدمت ڪندا هئا۔ يقيناً پنهنجي پيرو مرشد جي خدمت سعادت جي ڳالھ آهي، اچو پيرو مرشد جي خدمت جا ڪجھ فائدا پڻ ٻڌون ٿا:

خدمتِ مرشد جا فائدا

        ٭ پيرو مرشد جي خدمت انسان کي الله پاڪ جي ويجھو ڪندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت گناهن کان بچائيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت نيڪين تي استقامت جو سبب آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت ايمان تي خاتمي جي قوي اُميد ڏياريندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت گمراهي کان بچائيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت باطن سنواري ڇڏيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت عاجزي و انڪساري جهڙا وصف پيدا ڪندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت دنياوي مال جي محبت دل مان ڪڍي ڇڏيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت آخرت جو فڪر پيدا ڪندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت دل جو مَر ختم ڪندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت الله وارن سان محبت جو درس ڏيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت دُنيا ۽ آخرت ۾ سلامتي ۽ نجات جو سبب آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت الله وارن سان محبت جو درس ڏيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت دنيا ۽ آخرت ٻنهي کي سنواري ڇڏيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت ٻانهي کي نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچو عاشق بڻائيندي آهي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت پُل صراط تي گذرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔ ٭ پيرو مرشد جي خدمت دين جو درد پيدا ڪندي آهي۔

  اي عاشقانِ خواجه غريب نواز! اسان مرشد جي خدمت جا فائدا ته ٻڌي ورتا، اچو! هاڻي مرشد جي خدمت جي حوالي سان اسان پنهنجي بزرگ سڳورن جو انداز ٻڌون ٿا ته ڪنهن ڪهڙي طرح پنهنجي پيرو مرشد جي خدمت ڪئي۔

قُطبُ الدّين بختيار ڪاڪي ۽ پير جي خدمت

  حضرت خواجه قُطبُ الدّين بختيار ڪاڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پيرو مُرشد حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ فرمائن ٿا ته مان ڪيئي سالن تائين خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت اقدس ۾ حاضر رهيس۔

خواجه شمس الدين سيالوي ۽ پير جي خدمت

شمس العارفين خواجه شمس الدين سيالوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پنهنجي پير و مرشد سان گھڻي عقيدت ۽ محبت هئي، پاڻ سال ۾ ڪيئي ڀيرا پيدل مرشدِ ڪامل جي دربار ۾ حاضري ڏئي فيض ۽ برڪتن سان مالامال ٿي واپس موٽندا هئا۔ پاڻ 40 سالن تائين پنهنجي پير و مرشد حضرت خواجه سليمان تونسوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي آستانهءِ عاليه تونسه شريف (پنجاب) جي طرف مسافر رهيا، جڏهن گھر واپس موٽندا هئا بيقرار ٿي ويندا هئا ۽ وري ٻيهر روانا ٿي ويندا هئا۔ وٽن هڪ ڪمبل هوندو هو جيڪو سياري ۾ ويڙهيندا هئا ۽ اونهاري جي موسم ۾ هيٺ وڇائيندا هئا۔ جڏهن حضرت خواجه محمد سليمان تونسوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مَهار شريف (ضلعي بهاولنگر) تشريف کڻي ويندا هئا ته حضرت خواجه شمس