Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz

         سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مرشِدِ ڪامل جي بي حد تعظيم و تڪريم ڪندا هئا ۽ سندن مزار پُرانوار تي عالمانه و صوفيانه وعظ به فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري سندن پير و مرشد جي سجاده نشين صاحب رکواليءَ جي لاءِ ٻن ڪتن جي فرمائش ڪئي ته پاڻ پنهنجي گھر پهتا ۽ پنهنجي شهزادن کي ساڻ ڪري خانقاھ ۾ سجاده نشين جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عاجزي فرمائيندي عرض ڪيائون! ته احمد رضا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي ٻئي صاحبزاده توهان جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو، هي ڏينهن جي وقت توهان جو ڪم ڪار ڪندا ۽ رات جي وقت رکوالي به خوب ڄاڻين ٿا.

(انواررضا ، امام احمد رضا ۽ تعليمات تصوف ، ص ۲۳۸)

امامِ اعظم ۽ خدمتِ مرشد

        علمِ دين جي حُصول جي باوُجود امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙي علم جي سمنڊ به علومِ طريقت، حضرت امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بابرڪت صحبت ۽ مجلسن مان حاصل ڪيا. امام اعظم نعمان بن ثابت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو! جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ اهي ٻه سال (جيڪي مون امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ گذاريا) نه هجن ها ته نعمان هلاڪ ٿي ويو هجي ها.

(آدابِ مرشدڪامل،ص۱۷۰)

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اسان جا بزرگ سڳورا پنهنجي پيرو مرشد جي ڪيتري خدمت ڪندا هئا، انهن تمام اڪابرِ اهلسنت جي ان عملي انداز مان اسان کي به اهو درس ملي ٿو ته اسان به پنهنجي پيرو مرشد جي خدمت ڪريون، انهن کي راضي رکون، پنهنجي ڪنهن عمل سان انهن کي تڪليف نه ڏيون، ياد رهي ته! مرشدِ ڪامل جي در تي عمر گذارڻ جي باوجود ڪي ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ کان محروم رهندا آهن، آخر ڇو؟ غور ڪرڻ تي خبر پوندي ته اهي ماڻهو مرشِدِ ڪامل جي افعال و اقوال کي عقل جي تارازي ۾ توريندا آهن، جڏهن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ناهي ايندي ته مرشِد تي طرح طرح جا اعتراض ڪرڻ لڳندا آهن۔ لهٰذا ياد رکو ته ڪامل پير و مرشِد تي اعتراض جو سبب اڪثر اوقات قلبي خباثت يعني دل جي گندگي جي ڪري هوندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ ظاهري سبب به اعتراض تي اڀاريندا آهن، ڪي مريد گهڻو عرصو مرشِد جي خدمت ۾ گذاريندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن مقام تي ناهن پهچي سگھندا ته اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته اسان ته مرشِد جي خدمت جو حق ادا ڪيو آهي، فيض ڏيڻ نه ڏيڻ مرشِد جي مرضي آهي۔ اهي نادان ماڻهو نٿا ڄاڻن ته مرشِد جو حق ادا ڪرڻ انهن جي وس جي ڳالھ ناهي بلڪ اهڙن وسوسن جو شڪار ٿيڻ انهن جي لاءِ پير جي فيض کان محرومي جو سبب آهي۔

ڇا پير جو حق ادا ٿي سگھي ٿو؟

حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو ته پير جو مُريد تي ڪيتري قدر حق آهي؟ ته پاڻ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن ڪوئي مُريد سڄي عمر حج جي راھ ۾ پير کي ڪلهي تي کڻي هلي ته به پِير جو حق ادا نٿو ٿي سگھي۔ (هشت بهشت، ص ۳۹۷)

 امام عبد الوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مريد جو شان اهو آهي ته ڪڏهن ان جي دل ۾ اهو خيال پيدا نه ٿئي ته ان پنهنجي مرشِد جي احسانن جو بدلو چُڪائي ڇڏيو آهي۔ توڙي جو پنهنجي مرشِد جي هزار سال خدمت ڪري ۽ ان تي لکين روپيا به خرچ ڪري ڇوته جنهن مريد جي دل ۾ ايتري خدمت ۽ ايتري خرچ کان پوءِ اهو خيال اچي ته ان مرشِد جو ڪجھ حق ادا ڪيو آهي ته اهو راههِ طريقت مان نڪري ويندو يعني پير جي فيض سان ان جو ڪو تعلق باقي نه رهندو۔

(الانوار القدسيۃ، الجزء الثاني، ص ۲۷)