Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz

ڪامل مرشد ۽ ڪامل مريد، پيرو مرشد ڇو ضروري آهن؟ ان جا دنياوي ۽ اُخروي فائدا ڪهڙا آهن؟ الله جي ولي جي سڃاڻپ، عورت جو پير صاحب جي هٿ تي هٿ رکي بيعت ڪرڻ جو شرعي حڪم، ان کان علاوه ٻيا به کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. ڪاش! سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي. اٰمِيۡن   بِجَاهِ   النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن   صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائون

   حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي صبر وارا هئڻ سان گڏوگڏ عفو درگذر سان ڪم وٺڻ وارا بزرگ هئا، ڪو بُرو سلوڪ ڪندو هو تڏهن به پاڻ ڪاوڙ ۾ نه ايندا هئا ۽ ڳالهائڻ واري سان اهڙو بهترين ورتاءُ ڪندا هئا جو ائين لڳندو هو جيئن ان جون ڳالهيون ٻڌيون ئي نه هيون۔ هڪ ڀيري پاڻ جڏهن لاهور کان اجمير شريف ويندي دهلي ۾ ترسيا ته هڪ غير مسلم شخص پاڻ کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان آيو۔ ڪشف جي ذريعي خبر پئجي وئي ته ان جو ڇا ارادو آهي۔ خبر پوڻ جي باوجود به پاڻ ان سان گھڻي شفقت ۽ مهرباني سان مليا ۽ وڏي محبت سان ان کي ڀرسان ويهاري فرمايائون: جنهن ارادي سان آيا آهيو ان کي پورو ڪريو۔ اهو جُملو ٻڌي اهو شخص حيران ٿي ويو۔ انهيء وقت سندن قدمن تي ڪري پيو ۽ معافي جو طالب ٿيو۔ حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي معاف ڪري ڇڏيو۔ اهو شخص سندن پياري انداز سان ايترو متاثر ٿيو جو ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔

   سَيدُنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي لاءِ دعاءِ خير به ڪئي۔ جنهن جو اهو اثر ٿيو جو ان شخص پنجيتاليھ (45) ڀيرا حج جي سعادت ماڻي ۽ آخر ۾ خانَه ڪعبه جي خادمن ۾ شامل ٿي ويو۔

 (حضرت خواجه غريب نواز حيات وتعليمات، ص۴۰ملخصاً)

جھولیاں بھرتے ہو منگتوں کی مجھے بھی ہو عطا                   حصّۂ جُود و سخا خواجہ پیا خواجہ پیا

تیری اُلفت میں جیوں تیری مَحبَّت میں مَروں                           ہو کرم ایسا شہا!خواجہ پیا خواجہ پیا

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص537)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  اي عاشقان خواجه غريب نواز! غور ڪريو! چشتين جا عظيم پيشوا ڪيتري عظيم حُسنِ اَخلاق جا مالڪ هئا۔ قتل جو ارادو رکڻ واري سان به انتهائي شفقت ڀريو ورتاؤ ڪيائون۔ اسان کي به پنهنجو پاڻ تي غور ڪرڻ گھرجي ۽ سوچڻ گھرجي ته اسان ٻين جي بدسُلوڪيءَ تي انهن سان ڪهڙو معاملو ڪندا آهيون؟ افسوس! اڄ ٻين جي غلطين کي درگذر ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيندو پيو وڃي۔ بلڪ ڪجھ نادان انسان ٻين جي بي جا غلطين کي نوٽ ڪندا آهن ۽ پوءِ موقعو ڳولهي انهن جي غلطين جي ماڻهن اڳيان پرچار ڪندا رهندا آهن۔ جڏهن به موقعو ملندو آهي طنز جا تِير هڻي ڪيئي ڪيئي سال پُراڻي غلطين تي شرمندو ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا۔ اهڙي موقعي تي شيطان لعين به هن ڳالھ تي اُڪسائيندو هوندو ته فُلاڻي کي ذليل و رُسوا ڪرڻ تمام سٺو موقعو آهي، جيترو جلدي ٿي سگھي ان جي غلطي کي عام ڪيو ته جيئن ماڻهو ان کان متنفر ٿين۔

        اي عاشقانِ رسول! اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته غلطي ڪرڻ وارو ملائڪ ناهي، انسان آهي، اسان به سڄي ڏينهن ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون غلطيون ڪندا هونداسين، خبر ناهي ڪهڙا