Book Name:Khuwaja Ghareeb Nawaz
اڄ جي هن پُرفتن دور ۾ اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطار قادِري دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي بيعت ڪري يا طالب ٿي ان جي مُريدن يا طالبن ۾ شامل ٿيڻ به تمام وڏي سعادت آهي۔ هي اهي عظيم هستي آهن جن فرضن ۽ واجبن جي ادائيگي سان گڏوگڏ سُنّتن ۽ مستحبات تي عمل پيرا ٿي نيڪي جي دعوت جون اهڙيون ڌُومون مچايون آهن جو ان جي برڪت سان لکين مسلمانن کي گناهن کان توبه جي توفيق ملي۔ جيڪي بي نمازي هئا پنج وقت جا نمازي بلڪ ڪجھ خوش نصيب ٻين کي نمازون پڙهائڻ وارا يعني امام بڻجي ويا، اميرِ اهلسنّت جهڙي بزرگ هستي جو فيضان صرف مسلمانن تائين محدود ناهي رهيو بلڪ اسلام جي سوجھري کان پري اونداهين ۾ ڀٽڪڻ وارن کوڙ غير مسلمن کي نُورِ اسلام نصيب ٿيو۔
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پيرِ ڪامل جي باري ۾ ٻڌو ته پيرِ ڪامل ڪير هوندو آهي؟ ان جا وصف ڪهڙا آهن، اچو! هاڻي اسان بيعت ۽ بيعت جي مقصد جي باري ۾ ٻڌون ٿا:
ڪنهن پيرِ ڪامل جي هٿن ۾ هٿ ڏئي ڪري اڳوڻن گناهن کان توبه ڪرڻ، آئنده گناهن کان بچندي نيڪ عملن جو اِرادو ڪرڻ ۽ ان کي الله پاڪ جي مَعرِفَت جو ذريعو بنائڻ جو نالو بيعت آهي۔ (پيری مريدی کی شرعی حيثيت، ص3) مريد ٿيڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته انسان مُرشِدِ ڪامل جي رهنمائي ۽ باطني توجھ جي برڪت سان سڌي واٽ تي هلي پنهنجي زندگي شريعت ۽ سنّت جي مطابق گذاري سگھي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! پير و مُرشِد کان فيض حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ آداب آهن، جن جو خيال رکڻ مريد جي لاءِ بيحد ضروري آهي، ان باري ۾ ڪجھ وصف ٻڌون ٿا ته جيڪي مريدِ ڪامل بنجڻ جي لاءِ لازمي آهن: ٭ هميشه پير و مُرشِد جو باادب رهي ڇوته باادب ئي بانصيب هوندو آهي ۽ بي ادبي ڪرڻ وارو شخص ڪڏهن فيض نٿو ماڻي سگھي۔ حضرت ذُوالنُّون مِصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ڪو مُريد اَدَب جو خيال ناهي رکندو ته اهو واپس اوڏانهن هليو ويندو آهي جتي پهريان هو۔ (الرسالۃ القشيريۃ، باب الادب، ص 319) ٭ مُرشِدِ ڪامل جو فيض ماڻڻ جي لاءِ ان جي محبت کي دل و جان سان سيني ۾ سانڍڻ ضروري آهي۔ ٭ مريد پنهنجي مُرشِد جي هٿ ۾ ”مُرده بدست زنده“ (يعني زنده جي هٿن ۾ مُرده جيان) ٿي رهي۔ (فتاويٰ رضويه، 24/369، ملخصاً) ٭ مُرشِدِ ڪامل جو فيض ماڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪڏهن به پاڻ کي علم و عمل ۾ مُرشِد کان فائق (اعليٰ) نه سمجھي، توڙي جو زماني جي وڏي عالمن ۾ شمار ڪيو ويندو هجي، ملفوظاتِ اعليٰ حضرت ۾ آهي: وٺڻ واري کي گھرجي ته جڏهن ڪنهن شيِء کي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪري ته توڙي جو ڪمالات سان ڀريل هجي، پنهنجي تمام ڪمالات کي دروازي ئي تي ڇڏي ڏئي ۽ اهو سمجهي ته مان ڪجھ ڄاڻان ئي نٿو۔ خالي ٿي ايندو ته ڪجھ ماڻيندو (ان ڪري جو) ڀريل ٿانوء ۾ ڪا ٻي شيء ناهي وجھي سگھبي. (ملفوظات اعليٰ حضرت، ص142) ٭ مُرشِد جي رِضا ۾ الله جي رِضا، مُرشِد جي ناراضي ۾ الله جي ناراضي سمجھي۔ (فتاويٰ رضويه،24/369، ملخصاً) ٭ پنهنجي پير تي ڪڏهن اعتراض نه ڪري۔ ٭ پنهنجي مُرشِد ۽ پير ڀائرن سان مَحبّت ڪري۔ ٭ پير و مُرشِد جي خلاف نه پاڻ ڳالهائي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڳالھ