Book Name:Walidain-e-Mustafa

اُبتي عقل وارن جو طريقو هو، نه ته ان وَقت جا ماڻهو پرده دار خاتون حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها کي ”حَڪيمَه يعني عقل مند ۽ دانا خاتون “ جو لقب نه ڏين ها۔ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو ته الله پاڪ انهن کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ امڙ طور چونڊيو، سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو ته هيء پنهنجي قوم ۾ اعليٰ نسب واري هئي۔ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو ته هيء انتهائي شريف هئي۔ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو ته پنهنجي زماني جي سڀ کان نيڪ صفتن واري صحابيه خاتون هئي۔ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو جو هوءَ اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ هئي۔ سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو شان ڏسو ته پاڻ نهايت پاڪيزه خاتون هئي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته سيده، طاهره، والدهءِ ماجده حضرتِ آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جاهليت واري دور ۾ باپرده رهيون۔ الله پاڪ اسلام جي ذريعي عورتن تي اهو احسان ڪيو جو انهن کي پردي جو حڪم ڏنو۔ ۽ اهو حڪم بي شمار حڪمتن تي مشتمل آهي۔ پردو عورتن جي عزت جو محافظ آهي، پردو دلين جي پاڪيزگي ۽ طهارت جو ذريعو آهي، پردو عورت جي فطري حياءُ جي تقاضا آهي۔ پردو جديد سائنسي تحقيق جي لحاظ سان چهري جي جلد کي سج جي نقصانده شعاعن کان بچائي ٿو، پردو جلد کي گرمي جي تپش سبب سڙي خراب ٿيڻ کان بچائي ٿو۔ ۽ پردو چهري جي بيمارين جو سبب ٿيندڙ مٽي ۽ دز جي ذرات کان بچائي ٿو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! ان ڳالهين کي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي گھر تي نظر وجھون۔ ڪٿي اها بي پردگي جي خرابي اسان جي گھرن ۾ ته ناهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان کي نيڪي جي دعوت ڏئي پردو ڪرائڻو پوندو، ڇوته بي پردگي جهنم ۾ وڃڻ جو ذريعو آهي ۽ اسان کي قرآن


 

 



[1]...مواهب اللدنية، المقصد الاول...الخ، آيات حمله صلى الله عليه وسلم، ١/٦٠.