Book Name:Walidain-e-Mustafa
جي والِده حضرت بِرَّه رَضِىَ اللهُ عَنۡها کي سڄو واقعو ٻڌائي چيو: عبدُ الله قريش جا سڀ کان سهڻا ۽ جميل ۽ اعليٰ نسب وارا آهن، مان پنهنجي نياڻي آمنه جي لاءِ ان کان عِلاوه ڪنهن کي پسند نٿو ڪيان۔ پوءِ پنهنجي دِلي تمنا حضرت عبد المطلب رَضِىَ اللهُ عَنۡه تائين پهچائي ڇڏي، خدا جو شان جو حضرت عبد المطلب رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي نورِ نظر حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي لاءِ جهڙي خاتون جي ڳولها ۾ هئا، اهي تمام خوبيون حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها ۾ ڪامِل طور تي مَوجُود هيون، لهٰذا حضرت عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان رشتي کي خوشي سان قبول ڪري ورتو۔([1])
پوءِ چوويھ (24) سالن جي عُمر مُبَارَڪ ۾ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها سان نِڪاح ٿيو۔([2])
آئی ندا کہ آمنہ جاگے تیرے نصیب
آئیں گے تیری گود میں اللہ کے حبیب
گودی میں تو کھلائے گی آج اپنے لال کو
اللہ نے کیا ماہِ کامِل ہلال کو([3])
والدِ مصطفيٰ جنتي جنتي
مادَرِ مصطفيٰ جنتي جنتي
والدينِ مصطفيٰ جنتي جنتي
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد