Book Name:Walidain-e-Mustafa
سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيدائش کان پهريان سندن تشريف آوري جي ڌوم متل هئي۔ ماڻهو سندن نبوت، سندن بت شڪني ۽ ٻين اعلي صفتن جا ڳڻ ڳائي رهيا هئا، حضرت عبدُالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کوڙ سارا عجائبات پاڻ ڏٺا۔ سيده آمنه خاتون رَضِىَ اللهُ عَنۡها ولادتِ پاڪ جي ڏينهن ۾ ڪافي معجزن جو مشاهدو ڪيو هو۔ اصحابِ فيل جو عجيب ۽ غريب واقعو ڏٺائون ته جماعتِ فيل کي ابابيل ماري ڇڏيو، هر مهيني هڪ پيغمبر خواب ۾ حضرت آمنه کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بشارت، سندن وصفن جي خبر ڏيندو رهيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡها ولادتِ مصطفيٰ جي وقت مڪي ۾ رهندي شام جي محلن کي ڏسي ورتو هو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡها پنهنجي گل جي اظهارِ نبوت کان پهريان ئي سندن نبي هئڻ جي تصديق فرمائي جيئن
هڪ ڀيري حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَنۡها والدهءِ مصطفيٰ حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها کي عرض ڪيو ته توهان جي لختِ جگر جو سينو کوليو ويو آهي، مان ڊڄان ٿي ته ان فرمايائون: نه ڊڄو! هي سچا نبي آهن، انهن کي شيطان يا ان کان علاوه ڪو ٻيو نقصان نٿو پهچائي سگھي۔ جنهن کي الله پاڪ هن ڳالھ جو علم ڏنو ته انهن جو پٽ آخري نبي آهي ڇا ان جي ايمان ۾ شڪ ڪري سگھجي ٿو؟
والدينِ مصطفيٰ الله پاڪ تي ايمان رکندڙ هئا ۽ ان کي هڪ مڃڻ وارا هئا تڏهن ته انهن جا نالا عبدُ الله ۽ آمنه ٿيا۔ عبدُ الله جي معني آهي الله جو ٻانهو ۽ آمنه جي معني آهي الله جي امانت رکڻ واري يا دنيا کي امن ڏيڻ واري بيبي يا ايمان واري۔ اهي نالا ٻڌائن ٿا ته انهن کي پنهنجي رب تي ايمان هو اهي شرڪ کان پاڪ هئا۔
والدِ مصطفيٰ جنتي جنتي
مادَرِ مصطفيٰ جنتي جنتي