Book Name:Walidain-e-Mustafa

ہر     صحابی     نبی!                                                                                                                       جنتی!   جنتی!

والدینِ        نبی!                                                                                                                              جنتی!   جنتی!

اي عاشقانِ رسول: ڇا اوهان کي صحابه جي شان بابت خبر آهي! صحابه جو شان اهو آهي جو انهن جي عزت ڪرڻ جو حڪم الله جي آخري نبي ارشاد فرمايائون۔ ([1]) صحابه جو شان اهو آهي جو انهن کي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو فرمايو ويو۔ ([2]) صحابه جو شان اهو آهي جو انهن کي ڏسڻ واري کي باھ نه ڇُهندي۔([3])صحابه جو شان اهو آهي جو انهن سان محبت ڪرڻ الله جي رسول سان محبت ڪرڻ آهي ۽ انهن سان بغض رکڻ الله جي رسول سان بغض رکڻ آهي([4]) ۽ انهن جو دفاع ڪرڻ وارا بروزِ قيامت الله جي آخري نبي محمد عربي جي حفاظت ۾ هوندا۔ ([5])

والدينِ مصطفيٰ صحابي آهن ۽ هر صحابي جنتي آهي۔ والدينِ مصطفيٰ صحابي آهن ۽ صحابي هن امت جا سڀ کان بهترين افراد آهن۔ والدينِ مصطفيٰ صحابي آهن ۽ هر صحابي هن امت جي لاءِ امان آهن۔ والدينِ مصطفيٰ صحابي آهن ۽ صحابي سان محبت ڪرڻ حضور سان محبت ڪرڻ آهي۔ ۽ انهن سان بغض رکڻ حضور سان بغض رکڻ آهي۔ والدينِ مصطفيٰ صحابي آهن ۽ جيڪو صحابي جنهن هنڌ وفات ماڻي ڪالھ بروزِ قيامت اتي جي رهڻ وارن جو پيشوا ۽ انهن جي لاءِ نور ٿيندو۔

          حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نبين جي


 

 



[1]... ترمذى، ابواب الفتن، باب ماجاء فى لزوم الجماعة، صفحه٥٢٢، حديث:٢١٦٥

[2]... ترمذى، ابواب الفتن، باب ماجاء فى لزوم الجماعة، صفحه٥٢٢، حديث:٢١٦٥

[3]... سنن الترمذى، باب ما جاءفی فضل من رای النبی صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ،صفحه٨٦٩،حدیث:٣٨٦٢

[4]... سنن الترمذی، باب فیمن سب اصحاب النبی صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ، صفحه٨٧٠، حدیث:٣٨٦٦

[5]... فضائل صحابه لاحمد بن حنبل، جلد١/٦٣