Book Name:Walidain-e-Mustafa

خانه ڪعبه تي اچي ويهي رهيو، سمورا قريش جا ماڻهو ان جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيا پوءِ اهو پکي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اُڏامڻ لڳو۔ قريش جي هڪ خوابن جي تعبير بيان ڪندڙ ٻڌايو: اهو خواب سچو آهي ته حضرت عبدُ الله جي گھر پٽ پيدا ٿيندو، اوڀر ۽ اولھ وارا ان جي پيروي ڪندا۔([1])

نبی کے صدقے میں کیا کیا عنایتیں نہ ہوئیں

ہو چشمِ عدل تو شاہِد ہیں پیارے  عبداللہ

يعني والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي الله پاڪ پنهنجي نبي جي صدقي ۾ بيشمار عنايتون فرمايون، جيڪڏهن انصاف جي عينڪ سان ڏٺو وڃي ته انهن عنايتن لاءِ حضرتِ عبدُ الله جي ذات شاھد آهي۔

پيارا اسلامي ڀائرو! والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيشڪ طيب و طاهر ۽ بنو هاشم جا نيڪ سيرت ۽ خوبصورت ترين نوجوان هئا۔ ظاهري حُسن ۽ جمال ۽ باطني خوبين ۽ اخلاق ۾ خاندانِ قريش ته ڇا بلڪ سڄي واديءِ بطحا يعني مڪي پاڪ ۾ سندن ڪو مٽ نه هو۔ اعليٰ اخلاق جي سراپا تصوير هئا۔ ۽ ڇو نه هجن ها جو هي هڪ اهڙي هستي جا والد بڻجڻ وارا هئا جن جي لاءِ اها بزمِ ڪائنات سجائي وئي، جن جي ذريعي دنيا کي علم ۽ دانش سان روشن ڪرڻو هو۔ هو جيڪي انسانيت جي عزت ۽ وقار، احترام ۽ ٻنهي جھانن جي خوشي ۽ ڪاميابي جو پيغام کڻي دُنيا ۾ تشريف فرما ٿيڻ وارا هئا۔

والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته انهن کي اهو حُسن ۽ جمال ڏنو ويو جيڪو قريش جي ٻين جوانن ۾ نه هو، والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته نيڪ وصفن ۾ سندن ثاني ڪوئي نه هو، والدِ مصطفيٰ جو شان ڏسو ته کين مان ٻه نور نڪرندا


 

 



[1]...خصائص الكبرى، باب ماظهر فى ليلة مولده صلى الله عليه وسلم...الخ، ١/٨٣.