Book Name:Walidain-e-Mustafa
امام جلال الدين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيشاني ۾ روشن هو، ان جي بَرَڪت سان پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي اهڙي باس باسڻ جو الهام ٿيو۔([1])
ان واقعي کي ٽيھ (30) سال گذري چڪا هئا.([2]) حضور جي ڏاڏي حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻيهر خواب ڏٺو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هو: اي عَبدُ المُطَّلِب! پٽ قربان ڪري پنهنجي باس پوري ڪيو...!! حضرت عَبدُ الـمُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيدار ٿيو، تمام پٽن کي گڏ ڪري انهن کي معاملي بابت خبردار ڪيو،([3]) سڀني ادب وچان چيو: پنهنجي باس پوري ڪيو! اسان مان جنهن کي چاهيو اوهان قربان ڪري سگھو ٿا۔([4])
والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه سڀ کان پهريان اطاعت ڪئي ۽ پاڻ کي قرباني جي لاءِ پيش ڪيو،([5]) حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه سڀني پٽن جا نالا لکي ڪعبه شريف جي خادِم کي ڏئي ان کي قرعو (ڪڻو) وجھڻ جو فرمايو ۽ پاڻ دُعا ۾ مَصرُوف ٿي عَرض ڪيائين: الٰهي! مون هڪ پٽ قربان ڪرڻ جي باس باسي هئي تون جنهن کي پسند ڪرين، ان جو نالو ڪڍجان۔([6])
والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جيڪي سڀني ڀائرن ۾ ننڍا ۽ حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي نهايت پيارا هئا، ڪڻو ان جي نالي جو نڪتو۔ حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي رب سان ڪيل وعدو نڀائڻ جي لاءِ پُرجوش هئا، ”مَحبَّتِ الٰهي“ ۾ سرشار ٿي هڪ هٿ ۾ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ٻانهن، ٻي
[1]...رسائل امام جلال الدين، مسالك الحنفا...الخ، المسلك الثانى، ص٣٨.
[2]...سبل الهدى، جماع ابواب نسبه...الخ، الباب الرابع فى شرح اسماء آبائه...الخ، ١/٢٤٤.
[3]...شرح الزرقانى على المواهب، المقصد الاول...الخ، ذكر حفر زمزم...الخ، ١/١٧٦-١٧٧ملخصًا.
[4]...سبل الهدى، جماع ابواب نسبه ...الخ، الباب الرابع في شرح اسماء آبائه... الخ، ١/٢٤٤.
[5]...سيرت حلبية، باب تزويج عبد الله...الخ، ١/٥٤
[6]...شرح الزرقانى على المواهب، المقصد الاول...الخ، ذكر حفر زمزم...الخ، ١/١٧٦-١٧٧ملخصًا.