Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ايستائين جو جيڪڏهن اهي ڪو بلڪل بي فائدو ڪم ڪندا ته توهان به انهن کي ڏسي ڏسي بي فائدي ڪمن ۾ پئجي ويندا.

  مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه       هن حديث جي شرح ۾ لکن ٿا: هي فرمان عالي شان ٻڌو ۽ پنهنجو حال ڏسو...!! سک، پارسي، مجوسي غير مسلم سڀ پنهنجي شڪل، پنهنجي لباس، پنهنجي طور طريقن کي پسند ڪن ٿا پر مسلمان آهن جو غير مسلمن جي نقالي ۾ مري رهيا آهن،  مٿو ديسي آهي، وار انگريزي، منهن ديسي آهي، زبان انگريزي، غذا ديسي آهي، ان کي کائيندا انگريزي طريقي سان آهن.([1]) هي نقالي ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو جن ڪمن ۾ بلڪل فائدو ئي ناهي، الٽو نقصان ئي نقصان آهي، تڪليف ئي تڪليف آهي، انهن ۾ به نقالي ڪن ٿا. ٭ هاڻي ڀلا ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۾ ڇا فائدو آهي؟ ڪجهه به ته ناهي، نقصان ئي آهي، ڏاڙهي ڪوڙائيندا جهنم جا حقدار بڻجندا. ٭     بيهي ڪري کائڻ جي ڪهڙي فضيلت آهي؟ ماڻهو کائيندا آهن، بيمار ٿيندا آهن، ڊاڪٽرن جا ڌڪا کائيندا آهن. ٭ مرد چوٽيون رکندا آهن، ڇو؟ فلاڻي ايڪٽر کي ڏٺو هو. ٭ عورتون بي پرده گهمنديون آهن، بي پرده مان چئي رهيو آهيان، ان کان اڳتي جا لفظ ڳالهائيندي شرم اچي ٿو نه ته بي پردگي ته هاڻي تمام پري رهجي وئي، ڇا فائدو آهي ان ۾؟ نقصان آهي، معاشري ۾ بي حيائي ڦهلجي ٿي، روز روز خبرون اينديون رهن ٿيون، ٻارڙين کي ظلم جو نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو. ٭ عورتن جون عزتون محفوظ ناهن. اڃا ڪيترا مثالَ عرض ڪيا وڃن؟ سڀني کي خبر آهي ته معاشري ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. بس اسان هلي پياسين انهن جي پويان.

اسان ٻڌو؛ دجال جي فتني ۾ اهو ڦاسندو، جيڪو غير مسلمن جو نقل ڪرڻ


 

 



[1]... مراۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:167۔