Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
وارو هوندو. الامان والحفيظ...!! الله پاڪ اسان کي محفوظ فرمائي. سنتن تي هلڻ گهرجي.
حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ اَحْيَا سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ، وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت کي زنده ڪيو ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڏسو! اهڙي فضيلت ڇا غير مسلمن جي پويان هلڻ ۾ آهي؟ انگريزي وار ڪٽرائڻ سان جنت ملندي؟ نه ملندي. ڏاڙهي ڪوڙائڻ سان ڇا جنت ملندي؟ فيشن پرست بڻجڻ سان ڇا قبر روشن ٿي ويندي؟ نه ٿيندي. هي سنت جي برڪت آهي، پنهنجي آقا، محبوب خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري ادائن جو نقل ڪيو! قبر به روشن، حشر ۾ به مزا، پل صراط تي به سڪون ۽ جنت ۾ آقا جو پاڙو به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! نصيب ٿيندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دنيا به سنورجي ويندي.
اسے مانتی ہے دُنیا، اسے ڈھونڈتی ہے منزل رہِ عشقِ مصطفےٰ پہ جو غُلام چل رہا ہے
سنت تي عمل جي برڪت سان مغفرت ٿي وئي
امام ذهبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: علامه هبة الله طبري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو انتقال ٿيو ته حضرت علي بن حسين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي خواب ۾ ڏٺو. پڇيائون: الله پاڪ توهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائون: الله پاڪ منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي. عرض ڪيائون: ڪهڙي سبب سان؟ فرمايائون: سنت جي ڪري. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! هي سنت تي عمل جي برڪت آهي. الله پاڪ اسان کي سنتن سان